شاٿيو، حق موجود، اڄ اسان سان گڏ آھي، سنڌ جو اھڙو اڀرندڙ گلوڪار، جنھن پنھنجي موھيندڙ آواز سان ٿوري عرصي ۾، تمام گھڻي محبت، عقيدت ۽ سنڌي ماڻھن جو پيار حاصل ڪيو آھي، سو آھي صدام حسين راڄپر صاحب.
سائين اوھان کي دل جي حضور سان ڀليڪار چئون ٿا.
صدام سائين اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان پنهنجو قيمتي وقت ڏنو.۔ اسان جو سٿُ اوهان جو اتنهائي ٿورائتو آهي۔
صدام سائين اوهان جو تعلق سنڌ جي ڪهڙي شهر سان آهي، اوهان پنهنجي ننڍپڻ تعليم ۽ فيملي بابت ٻڌايو!۔
صدام حسين راڄپر: وڏي مھرباني ڀاءَ. منھنجو اصل تعلق ڳوٺ حُسين پاتو سان آهي، جيڪو تعلقي فيض گنج ضلع خيرپور ميرس ۾ واقع آهي. منھنجي فيملي ۾ امڙ، گهرواري چار ٻار ۽ ھڪ ڀيڻ شامل آھن. ننڍپڻ تمام حسين يادين سان ڀريل آهي، جيڪي ڪڏھن بھ وسرڻ جھڙيون ناھن.
انعام: موسيقي انتهائي ڏکيو سبجيڪٽ آهي، سر جي پنهنجي هڪ دنيا آهي،۔ اوهان جو موسيقي ڏانهن لاڙو ڪئين ٿيو؟
صدام: اصل ۾ منھنجو والد صاحب راڳ سان دلچسپي رکندو ھيو، سندس يڪتارو اڄ بھ اسان جي گهر ۾ موجود آهي. مان شروعات اسڪولي دور کان ڪئي، گيت ڳائيندو ھيس پر باقائدي شروعات ڪافي وقت کان پوءِ ڪئي، جڏهن قومي گيتن تي قوم جي موٽ ملي، تھ پوءِ باقائدي سکيا سان شروعات ڪئي.
انعام : اوهان ڳائڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي؟ ۽ پهريون ڀيرو ڪٿي پرفارم ڪيو؟
صدام: مان 2020 ع کان شروعات ڪئي آھي راڳ جي، ۽ مختلف ٽي وي شوز، عوامي محفلن ۽ سوشل ميڊيا تي پڻ پرفارم ڪندو رھان ٿو.
انعام: اوهان جا پسنديده فنڪار ۽ شاعر ڪهڙا آهن؟
صدام: صادق فقير ۽ سرمد سنڌي پسند اٿم، شاعرن ۾سائين آڪاش انصاري.
انعام: اوهان گائيڪي جي سکيا ڪنهن کان ورتي آهي؟
صدام: منھنجي علائقي جو استاد آهي مصطفي اڄڻ ان کان استادي ورتي اٿم .
انعام: اسان جو نوجوان تخليقڪار توڙي فنڪار انتهائي مشڪت ۽ تڪليفن کي منهن ڏي ٿو, ڇاڪاڻ ته نه تخليقڪارن لاء ڪي خاص پروگرام هجن ٿا نه ئي فنڪارن لاء ۽ ٻيو ته اوهان جهڙن جرت رکندڙ نوجوانن لاء ته ڪي خاص موقعا هئڻ گهرجن۔ ڇا اياز ميلي يا لاهوتي ميلي جي ڪڏهن دعوت ملي آهي؟
صدام: نہھ مون کي اياز ميلي ۾ ڪڏھن دعوت ملي آهي ۽ نھ ئي لاھوتي ميلي ۾ .
انعام: اوهان جي نظر ۾ ڪهڙا فنڪار سريلو ڳائن پيا ؟
صدام: لاڙ جا فنڪار سٺي محنت پيا ڪن ،اتر جا فنڪار بھ تمام سريلا آھن، جنسار سمون يا ماسٽر ولي تمام خوبصورت پيا ڳائين.
انعام: شاعري جي چونڊ ڪئي ڪندا آهيو ؟
صدام: شاعري جي پرک لفظن مان پيو وڃي سٺي شاعري کي ھميشه ترجيح ڏني آهي.
انعام: اوهان جي گائيڪي کي سموري سنڌ پسند ڪري ٿي۔ اوهان سنڌ جا اربيلا راڳي آهيو،۔ سنڌ جي اٿاءُ محبت تي اوهان ڇا چوندا؟
صدام: ھي سڀ سنڌ سان محبت جو ئي ڦل آهي، جو ھر شعبي ۾ ويٺل سنڌي ڀاڪر پائي چميون پيو ڏئي، يقينن ھي ڌرتي کي ڳائڻ جو ئي نتيجو آهي.
انعام: سٺي فنڪار کي ڇا ڪرڻ گهرجن۔ ڇا فنڪار لاءِ مطالعو ضروري آهي؟
تمام ضروري آھي، ڪو بہھ ڪم بنا مطالعي نہھ ٿو ٿئي، راڳ تہھ اڃان بہھ مشڪل شعبو آهي.
انعام: اوهان کي مڃتاطور ڪو ايوارڊ مليو آهي ؟
صدام: ماڻھن جي ھي ھيڏي محبت وڏو ايوارڊ آهي، باقي ڪو ٻيو اڃان تائين نہھ مليو آھي.
انعام: زندگي کان ڪيترا مطمئين آھيو ۽ ڪا خواهش جيڪا پوري نہھ ٿي هجي؟
صدام: خواھشون ڪڏھن ختم ٿيڻ جون ناھن، باقي زندگي ڏکن سکن جو سنگم آ گڏ ھلڻو آھي. مان مطمئن آھيان.
انعام: ڇا توهان عشق ڪيو آهي؟
صدام: سرتي سان عشق ڪيو آھي، جيڪا گڏ آھي.
باقي ڌرتي سان عشق آهي جيڪو ھميشه رھڻو آھي.
انعام: زندگيءَ ۾ اهڙي ڪا اهڙي غلطي، جنهن تي پوري ڄمار افسوس رهيو هجي؟
صدام: منھنجي خيال ۾ اھڙي ڪا بہھ ناھي اڳتي بھ ڀلائي ٿيندي
انعام: اوهان ننڍپڻ بہھ گذاريو ۽ جواني بہھ اوهان انهن سمورن مرحلن مان گذري ڇا سکيو؟
صدام: ننڍپڻ تمام خوبصورت رھيو، جواني ضرور ڪجھھ تڪليفون ڏئي ٿي. خاص طور بابا سائين جي وڇوڙي کان پوءِ سموريون ذميواريون ڪلھن تي آيون، ڇاڪاڻ تہھ ٻيو ڀاءُ نہھ ھيو تھ ان ڪري، باقي ھمٿ سان حالات جو مقابلو ڪيو آهي ۽ اڳتي بھ ڪنداسين.
انعام: انشاءَ اللھ صدام سائين اوھان ھمت وارا آھيو بلڪل. ڇا اوهين سياست ۾ ڀيرو ڀڃيو؟
صدام: نھ سياست نہھ ڪئي آهي.
انعام: ڪهڙي سياسي رهنما کان متاثر آهيو؟
صدام: شخصي طرح ڪي چند آھن، جيڪي پسند آھن باقي ووٽ جي سياست کان صفا خفا آھيون ھاڻي.
انعام: ڀلا نوجوان شاعرن جي شاعري کي ڪئين ٿا ڏسو۔ ڇا ڳائڻ جهڙي آهي؟
صدام: نوجوان شاعر ڪافي سٺو ٿا لکن ،باقي ڪي شوقيا آھن انهن لاءِ اھو آھي ته مطالعو ڪن، ٻئي جي ڪلھي تي آخر ڪيستائين بندوق ھلندي.
انعام: اسان جو معاشرو اخلاقي طور ڪھڙي طرف وڃي رهيو آهي؟
صدام: ڪافي تبديلين جي ضرورت آھي، خاص ڪري اخلاقي، شعوري ھجڻ لازمي آهي، جي نہھ پوءِ سدائين غلام ئي رھنداسين.
انعام: ڇا ادب معاشري جي تبديليءَ ۾ ڪو اھم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو؟
صدام: بلڪل ادب، اخلاق تمام وڏا پھلو آھن، جن سان سماج ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي ان لاءِ نوجوان طبقي کي سٺا تاريخي تھذيبي ڪتاب پڙھڻ جي ضرورت آھي.
انعام: اوهان جي نظر ۾ يونيورسٽيون پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيون آهن؟
صدام: سٺائي ۽ خرابي ھر شعبي ۾ آهي، شاگرد تنظيمون سٺو ڪردار ادا پيون ڪن، يونيورسٽيون اسان جي نوجوانن لاءِ نوان رستا کولن پيون، نئين راھ ڏين پيون، اھو وري ان نوجوان تي دارومدار آھي تہھ ھو ڇا شعور جي لاٽ ٿو کڻي يا غلامي ۾ رھڻ ٿو گهري.
انعام: توهان جي نظر ۾ شاعري ڪهڙي هئڻ گهرجي؟
صدام: معاشري جي حقيقي عڪاسي حالتن تي لکڻ ڌرتي جي معاملن تي لکڻ ئي سٺي شاعري ٿو سمجهان.
انعام: توهان جي پسنديده شخصيت ڪهڙي رهي آهي؟
صدام: جي ايم سيد پسند جي شخصيت اٿم
انعام: توهان جو پسنديده کاڌو، رنگ، لباس ۽ ڪتاب؟
صدام: مڇي ۽ پالڪ پسند جو کاڌو اٿم.رنگ سڀ سٺا آھن ، لباس شلوار قميص سان گڏ اجرڪ. ڪتاب سنڌو جي ساڃاھ پسند اٿم باقي سائين غلام رسول ميمڻ جون لکڻيون پڻ شوق سان پڙھندو آھيان.
انعام: سنڌ واسين لاءِ ڪو خاص سبق پيغام؟
صدام: پنھنجي وطن جا وارث ٿيو، پنھنجي وسيلن جا وارث ٿيو، ڌرتي لاءِ جيئو، ڌرتي ڌڻين لاءِ ڪجھھ سٺو ڪريو.
سائين اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان پنهنجو قيمتي وقت ڏنو لک لائق۔
صدام: سائين لک لائق!