ساٿيو، اسلام عليڪم حق موجود، اڄ اسان اوھان جي ملاقات سنڌ جي نوجوان گلوڪار سان ڪرائڻ وڃي رھيا آھيون، جنھن جو تعلق سنڌ جي شھھ رڳ ڪراچي سان آھي، اڄ اسان جو مھمان آھي، ”رزاق راھي“ صاحب. رزاق صاحب اسلام عليڪم، ڪھڙا حال آھن؟
رزاق راھي: واليڪم سلام، اللھ حمد اللھ سائين. وڏي مھرباني.
انعام جتوئي: سائين رزاق راھي صاحب، اوھان جي وڏي مھرباني، جو اوھان پنھنجو قيمتي وقت ڏنو. اوھان پنھنجو مڪمل تعارف ڪرايو ۽ اوھان جو تعلق سنڌ جي ڪھڙي علائقي سان آھي ؟
رزاق راھي: سائين اوھان جي مھرباني، جو اوھان موقعو ڏنو. آئون سنڌ جي ساحلي علائقي ڪراچي ريڙي مياڻ(بن قاسم ٽائون) جو رھاڪو آھيان، آئون ملاح آھيان، اسان جو گذرسفر سڄيو، ٻارھين مھينا مڇي مارڻ تي آھي.
انعام: سائين راڳ روح جي غذا آھي، راڳ ھر ماڻھو جي دل جي ترجماني ڪري ٿو. اوھان راڳ جي سکيا ڪنھن کان ورتي آھي؟
رزاق: سائين مونکي ننڍپڻ ۾ ئي ڳائڻ جو شوق ھو، ننڍو ھوندو ھئس پيو گنگنائندو ھئس، ان وقت منھنجو وڏو ڀاءُ ابراھيم اداس جيڪو پڻ سٺو شاعر آھي، ھڪ ڏينھن مونکي ھڪ ادبي محفل ۾ وٺي ويو، جتي سڀني شاعرن پنھنجي شاعري پڙھي ۽ جڏھن منھنجو وارو آيو تھ مون کي ڏسي منھنجي ڀاءُ کلندي چيو، ”تون راڳ ٻڌاءِ، “مون پھريون ڀيرو ان ادبي سنگت ۾ گيت گنگنايو ۽ ان وقت ڪافي شاعرن منھنجي آواز کي پسند ڪيو. تنھن کان پوءِ مان ھوريان ھوريان شادي جي فنڪشنن ۽ خوشي جي موقف تي پيو ڳائيندو ھوس. منھنجي وڏي ڀاءُ جڏھن اڪثر ماڻھن کان منھنجي آواز جي تعريف ٻڌي تھ پوءِ مونکي استاد عبداللھ عرف عبو واڍو ڏانھن وٺي ويو، استاد عبداللھ استاد مٺو ڪڇي جو شاگرد ھو. استاد عبداللھ عرف عبو واڍو ڪيترن ئي خوبين جو مالڪ ھو، ھڪ ئي وقت شاعر بھ ھو، ڪمپوزر بھ ھو ۽ گلوڪار بھ تنھن کان سکڻ جو موقعو مليو. استاد وٽ تقريبن مان اٺ سال رھيس.
انعام: موجودھ سنڌي فنڪارن مان معيار ي ڪير پيو ڳائي، اوھان ڪنھن کي بھتر پيا سمجھو؟
رزاق: سائين موجودھ سنڌي اڀرندڙ فنڪار سٺو ڳائن پيا، ھر فنڪار جي پنھنجي ھڪ پچ آھي، ھر فنڪار پاڻ کي بھتر کان بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، مان تھ ائين ئي چوندس تھ سنڌي نوجوان موسيقي جي دنيا ۾ پير پائي، اڳيان اچي ۽ پاڻ کي مڃرائي.
انعام: سائين اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دور آھي، سنڌي ميڊيا جا ڪيترائي چيئنل آھن، ڇا موجودھ سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا يا ريڊيو پاڪستان تي سنڌي اڀرندڙ گلوڪارن کي موقعو ڏنو وڃي ٿو؟
رزاق: سنڌي چيئنل آھن، جيڪي نوجوانن کي موقعو ڏين ٿا، مان پاڻ پھريون ڀيرو سنڌ ٽي وي تي پرفام ڪيو، سنڌ ٽي وي طرفان مونکي ھر پروگرام جي دعوت ملندي آھي، مان ويندو آھيان ۽ ٻين سنڌي چيئنل بھ نوجوان کي موقعو ڏين ٿا. باقي ريڊيو پاڪستان تي اڃا تائين منھنجو وڃڻ ڪونھ ٿيو آھي ۽ نھ ڪي انھن مونکي ڪڏھن دعوت ڏني آھي.
انعام: اوھان جي علائقي جا مشھور فنڪار ڪھڙا ٿي گذريا آھن؟
رزاق: ھون تھ ڪافي فنڪار آھن، جن اچي ڪراچي ۾ رھائش اپنائي. پر منھنجي علائقي جي مشھور فنڪارن مان استاد عبداللھ عرف عبو واڍو، نور ٻانھون، عبدالرحمان ڪارو، زينت بانو، محمد موسيٰ جيڪو مصور بھ آھي ۽ فنڪار بھ ۽ انور ڪڇي مشھور آھن.
انعام: ڀلا اوھان ڪھڙن فنڪارن کي ٻڌڻ پسند ڪندا آھيو؟
رزاق:استاد اللھ ڏنو جوڻيجو، استاد منظور سخيراڻي، اردو ۾ ڪمار سانو، سونو نگم کي وڌيڪ ٻڌڻ پسند ڪندو آھيان.
انعام: اوھان ڪيتري تعليم حاصل ڪئي آھي؟
رزاق: تعليم منھنجي گھٽ آھي، مون تقريبن سنڌي پنج درجا پڙھيا آھن. بس ايترو آھي جو اکر شناس آھيان.
انعام: ملاح يعني سمنڊ جو بادشاھھ، سائين اوھان جا ڳوٺ سمنڊ جي ڪنار تي آباد آھن، ظاھري ڳالھھ آھي، بنيادي سھولتن جي انتھائي کوٽ ھوندي. ڇا ٻارن لاءِ ڪو اسڪول يا بيمار ماڻھن لاءِ ڪي اسپتالون آھن؟
رزاق: بلڪل اسان ملاح آھيون، اسان جو سڄيو دارومدار مڇي مارڻ تي آھي. اسان جي علائقي ۾ بنيادي سھولتن جي کوٽ آھي، خاص ڪري اسپتالون بھتر نھ آھن، بيمار ماڻھو تمام گھڻو پريشان رھي ٿو. جيڪڏھن ڪو ماڻھو بيمار ٿئي ٿو تھ اھو جڏھن ڊگھو سفر ڪري يا تھ جناح اسپتال پھچي ٿو يا وري ملير ڏانھن سفر ڪري ٿو، انڪري حڪومت کي گھرجي تھ اسپتالن تي خاص توجع ڏي تھ غريب غربي لاءِ بھتر ٿئي. باقي اسڪول آھن، پر انھن جو حال بھ پورو سارو آھي. روڊ رستا ۽ ڊرينيج کي بھتر ڪرڻ جي ضرور آھي.
انعام:بن قاسم يا رزاق آباد ۾ ادبي سنگت تمام گھڻي ايڪٽو آھي، ڇا انھن جي گڏجاڻين ۾ اوھان جو وڃڻ ٿئي ٿو؟
رزاق: بلڪل ڪڏھن ڪڏھن منھنجو وڃڻ ٿيندو آھي، ڪافي سٺا شاعر دوست پڻ آھن، جنھن مان سائين غفور شاھھ، سليم ساگر، نويد شيخ ۽ سيد شاھھ محمد شاھھ وغيرھ.
انعام: گائيڪي تھ اوھان جو شوق آھي، اھو ٻڌايو تھ اوھان جو گذرسفر ڇا تي آھي؟
رزاق: جي بلڪل گائيڪي شوق آھي، گذرسفر ماھيگيري تي آھي، مڇي مارڻ اسان جي روزگار جو ذريعو آھي.
انعام: اوھان جي پنھنجي علائقي جا مشھور گيت ڪھڙا آھن؟
رزاق: ڪافي گيت آھن، جيڪي مشھور آھن، انھن مان گھڻو گيت ھي مقبول آھي، جيڪو شاعر سليم ساگر جو لکيل آھي:
” اسين ماڻھو مڇي وارا، ڪاٽيون گرمي ۽ سيارا، انھي واھھ جا وڻجارا، اسين ماڻھو دل وارا.“
ٻيو گيت منھنجي استاد عبداللھ عرف عبو واڍي جو مشھور آھي، جيڪو اردو ۾ آھي تھ،” ھم ملاح مڇي والي ھين، ھمت والي ھين، ھمين اور دنيا ڪھتي ھي دل والي ھين.“..
انعام: واھھ واھھ سائين. زبردست.. سائين اوھان پنھنجو اھو گيت ٻڌايو، جنھن جي اوھان کان ھر محفل ۾ فرمائش ٿيندي آھي؟
رزاق: بلڪل سائين، منھنجو اردو گيت آھي، جنھن جي ھر محفل ۾ مون کان فرمائش ٿيندي آھي، اوھان کي اھو ٿو ٻڌايان:
”تيري ميري ايسي ملاقات ھوگئي، ھوش جب آيا ڪافي رات ھوگئي، قصي عشق والون ڪي ڪتابون مين پڙھي ٿي، جان پي بن آئي، ايسي چوٽ پي چڙھي ٿي، ھم ڀي ملي مجنون ڪي مات ھوگئي، ھوش جب آيا ڪافي رات ھو گئي.“ ھي گيت مشھور آھي.
انعام: واھھ سائين لاجواب....لک لائق. سائين اوھان جي وڏي مھرباني جو اوھان پنھنجو قيمتي وقت ڏنو، اسان اوھان جا تمام گھڻا ٿورائتا آھيون. لک لائق.
سائين آخر ۾ اوھان اسان جي ڊجيٽل سنڌ جي پڙھندڙ کي ڪو پيغام ڏيڻ چاھيندو.
رزاق: سائين اوھان جي وڏي مھرباني جو، اوھان اسان کي موقعو ڏنو. بلڪل آئون پڙھندڙن کي اھو چوندس تھ، پنھنجن سنڌي ماڻھن کي سپورٽ ڪيو، ۽ خاص ڪري انھن نوجوانن کي جيڪي ٽيلينٽڊ آھن ۽ محنت ڪن ٿا، انھن جا ٻانھن ٻيلي ٿيو، انھن جي مدد ڪيو ۽ ماڻھن لاءِ رحمت بڻجو، زحمت نھ، بس.
انعام: سائين اوھان جي وڏي مھرباني. لک لائق
رزاق: سائين لک لائق!!