موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!..................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي تازي (شماري: اٺين) بابت ھڪ تفصيلي فھرست ونڊ ڪجي ٿي!........مک ايڊيٽوريل....!............ دنيا جي عالمي سياست تي مھارت رکندڙ، سينيئر تجزيھ نگار، سينيئر ڪالم نگار، دانشور ۽ عالمي شھرت ماڻيندڙ محترم ڪشور محبوباڻي صاحب جو مشھور ڪالم: “ھاڻي دنيا بدلجي رھي آھي!”.........................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي (ڊيسڪ تان) ھڪ شاندار رپورٽ: ڀارت ۾ بيروزگاري جي جوڙيل ڪاڪروچ جنتا پارٽي...........................سنڌ جي مشھور سينيئر صحافي، تجزيھ نگار، اديب، شاعر ۽ ليکڪ محترم حبيب جتوئي صاحب جو ملڪي صورتحال تي شاندار ڪالم: 28 ويھين ترميم جو مامرو! ڇا نگران حڪومت جون تياريون پيون ٿين؟!!............................... سنڌ جي نوجوان صحافي ۽ ليکڪ محترم شريف گل خاصخيلي صاحب جو مضمون: 28 ويھين ترميم سنڌ جي وجود تي وار آھي!...........................سنڌ جي سينيئر صحافي، اديب ۽ ليکڪ محترم نثار لغاري صاحب جو مضمون: سنڌ جا اھم قومي مسئلا ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي!!......................... عذابن ۾ ڀوڳيندڙ سنڌ!!!(ڪَور اسٽوريز) سنڌ جي دردڪٿا!........................... نوجوان ليکڪ محترم امداد ”عاجز نصيراڻي جو مضمون: عورتن جا حق ۽ سندن تحفظ!.............................................(ورسيءَ جي مناسبت سان) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ياد ۾ (خراج عقيدت).............................. تاريخ ڳالھائي ٿي!........................................عام معلومات/................... سائنس / .................. شاعري./اصغر ميمڻ............... شبير آزاد.................... فواد ڪلوڙ.................... ڊاڪٽر عبدالوھاب جتوئي ساحل....................... ارشاد ڪٽپر................. سڌير بليدي.................. منور برھماڻي................. علي نواز مھراڻي....................................** تنقدنگاري/ ڪھاڻي ۽ مضمون: ڊاڪٽر حرا جان خاصخيلي ...................... زاھد منگي.................. شريف گل خاصخيلي..................... امداد عاجز نصيراڻي......................... اعجاز ممنائي جا مضمون پڙھي سگھون ٿا.
Skip to Content
ساٿيو، اوھان کي ٻڌائيندي خوشي محسوس ٿي ٿئي تھ، سنڌ جو نوجوان دنيا جي ھر ھڪ ڪنڊ ۾ نھ رڳو روزگار سانگي محنت ۾ مصروف آھي، پر  تعليم جي ميدان ۾ بھ پاڻ کي مڃرائي چڪو آھي. سنڌ جي محنتڪش نوجوانن مان ھڪ اڄ اسان جو مھمان ربنواز ڀنڀرو صاحب آھي، اچو تھ ان سان ڳالھھ ٻولھھ ڪريون ٿا.
انعام جتوئي: اسلام عليڪم
ربنواز ڀنڀرو: واليڪم سلام.
انعام: سائين پهريون ته اوهان جي وڏي مهرباني اوهان پنهنجو قيمتي وقت ڏنو۔ اوهان پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو ۽ ٻڌايو ته پاڪستان ۽ لٿونيا جي ماحول ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
ربنواز: منھنجو نالو رب نواز ڀنڀرو آھي۔ مان سنڌ جي ضلعي خيرپورميرس جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ سان واسطو رکان ٿو، پر گذريل ڪيتري ئي عرصي کان مان يورپ جي ھڪ ترقي يافته ملڪ لٿونيا (Lithuania) ۾ پڙھائيءَ جي سلسلي ۾ موجود آھيان، جتي مان Utenos Kolegija (Utena University of Applied Sciences) ۾ Management of Tourism Services جي ماسٽرز ڊگري ڪري رھيو آھيان۔
پاڪستان ۽ لٿونيا جي ماحول ۾ تمام وڏو فرق آھي۔ ھتان جو نظام، ٽرانسپورٽ، قانون تي عمل، سماجي ذميواري ۽ صفائي جو معيار شاندار آھي۔ ھتان جا ماڻھو پرسکون گذارين ٿا، بغير ڪنهن جي ذاتي زندگيءَ ۾ مداخلت جي۔ مان اڪثر چوندو آھيان ته لٿونيا ننڍڙو ملڪ ضرور آھي، پر پاڪستان جي ڀيٽ ۾، امن، سچائي ۽ منظم نظام جي ڪري شاندار آھي، انڪري مان وڌيڪ ترجيح ڏيندو آھيان۔
انعام: اوهان لٿونيا ۾ ڪهڙي اداري سان سلهاڙيل آهيو؟ ڇا ايترو عرصو رهڻ کان پوءِ اوهان پنهنجو مقصد حاصل ڪري سگهيا آهيو؟
ربنواز: مان هن وقت Utenos Kolegija سان سلهاڙيل آهيان، جيڪو لٿونيا جو اعليٰ تعليمي ادارو آهي۔ هتي تعليم جو طريقو جديد ۽ عملي بنيادن تي ٻڌل آهي، جتي شاگردن کي رڳو ڪتابي ڄاڻ نه، پر حقيقي زندگيءَ لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي۔
مان سمجهان ٿو ته منهنجي لاءِ هي تجربو زندگي بدلائيندڙ ثابت ٿيو آهي، ڇو ته مون کي نه رڳو يورپي تعليم ۽ ثقافت کي سمجهڻ جو موقعو مليو آهي، پر پنهنجي سوچ ۽ عملي صلاحيتن ۾ به تمام گهڻي بهتري محسوس ٿي آھي۔
انعام: لٿونيا ۾ امن جي صورتحال ڪهڙي آهي؟

ربنواز: لٿونيا يورپ جي سڀ کان پرامن ملڪن مان هڪ آهي۔ هتي جرم جو شرح تقريباً ٻُڙي آهي۔ ماڻهو رات دير تائين آزاد گهمندا آهن، پوليس جو نظام مضبوط آهي، ۽ سماجي قدرن ۾ ايمانداري کي اوليت ڏني ويندي آهي۔ مان سمجهان ٿو ته هي ملڪ ننڍڙو ضرور آهي، پر پنهنجن ماڻهن کي امن، عزت، ۽ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ وڏن ملڪن کان اڳتي آهي۔

انعام: اوهان کي شروعاتي ڏينهن ۾ ڪهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو؟
ربنواز: شروع ۾ ٻوليءَ جي وڏي رڪاوٽ محسوس ٿي، ڇو ته لٿوين ٻولي ڏاڍي ڏکي آهي ۽ هر ڪو انگريزي نٿو ڳالهائي۔ پر وقت سان گڏ مون بنيادي لٿوين لفظ سکيا ۽ هاڻي ڪافي سهولت محسوس ڪريان ٿو۔ ان کان سواءِ، رھائش ۽ اداري جي پروسيس ۾ به ٿوري دير ٿي، پر مان چوندو آھيان ته هر شروعات ٿوري مشڪل سان هوندي آهي، پوءِ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي وڃي ٿو۔
انعام: هتان جي ماڻهن جو رويو ۽ نفسيات ڪيئن آهي؟
ربنواز: لٿونيا جا ماڻھو عام طور تي خاموش، سنجيده، ۽ پاڻ ۾ رهڻ وارا (introvert) آھن، پر اھي ڏاڍا ايماندار، وقت جا پابند ۽ مددگار آھن۔ ھتي ڪو به ٻئي جي زندگيءَ ۾ بنا ضرورت مداخلت نٿو ڪري۔ اھو ئي سبب آھي جو سماج پرامن ۽ مستحڪم آھي۔
انعام: سنڌي نوجوان لٿونيا ۾ تعليم ڪيئن حاصل ڪري سگهن ٿا؟
ربنواز: مان سڀني سنڌي نوجوانن کي صلاح ڏيندس ته يورپ ۾ خاص طور تي لٿونيا، لاتويا، پولينڊ، چيڪ ريپبلڪ ۽ مالٽا جهڙن ملڪن بابت تحقيق ڪن۔ لٿونيا ۾ تعليم جا موقعا تمام سٺا آهن، هتي پڙهائي جو معيار شاندار آهي ۽ خرچ ٻين يورپي ملڪن جي مقابلي ۾ گھٽ آهي۔
هي ملڪ Schengen Zone جو حصو آهي، تنهنڪري هتي پڙهندڙ شاگرد يورپ جا 29 ملڪ آزادي سان گھمي سگهن ٿا۔ مون کي يقين آهي ته سنڌي نوجوان محنت، تحقيق ۽ اعتماد سان يورپ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري، پاڻ کي مڃرائي سگهن ٿا۔
انعام: ڇا آن لائين ويب سائيٽون آهن جن ذريعي داخلا يا اسڪالرشپ حاصل ڪري سگهجي ٿي؟
ربنواز: ها، هر يونيورسٽي جي پنهنجي آفيشل ويب سائيٽ آهي، جتان داخلا جا تفصيل ۽ فيس جي مڪمل ڄاڻ حاصل ڪري  سگهجي ٿي۔ مثال طور:
  اسڪالرشپ خاص طور تي PhD ۽ Research-based Programs لاءِ ڏنيون وڃن ٿيون، پر عام ماسٽرز ڊگري لاءِ فيسون مناسب آھن ۽ ويزا حاصل ڪرڻ نسبتاً آسان آھي۔
انعام: اوهان مستقبل ۾ ڇا ڪرڻ چاهيو ٿا؟
ربنواز: منهنجو مقصد آھي ته تعليم مڪمل ڪري، لٿونيا يا پاڪستان ۾ پنهنجو Tourism and Research-based بزنس قائم ڪريان۔ مون کي پاڪستان جي قدرتي حسن تي مڪمل ايمان آهي، بس ضرورت آهي ته ان کي صحيح طريقي سان دنيا آڏو پيش ڪجي۔ مستقبل ۾ مان چاهيان ٿو ته پاڪستان جي سياحت کي بين الاقوامي سطح تي فروغ ڏيان۔
انعام: اوهان ٻين يورپي ملڪن جو به سفر ڪيو آهي، انهن تجربن مان ڇا سکيو؟
ربنواز: مون ڪروشيا، مالٽا، اسپين، آسٽريا، چيڪ ريپبلڪ، ۽ پولينڊ جو سفر ڪيو آهي۔ هر ملڪ جو پنهنجو رنگ، نظام ۽ ثقافت آهي، پر سڀني ۾ هڪ ڳالهھ اھا آهي تھ وقت جي پابندي، ايمانداري ۽ قومي شعور۔ پاڪستان انهن ملڪن جي ڀيٽ ۾ گھڻو پٺتي پيل آهي، پر جيڪڏهن اسان به تعليم ۽ ايمانداري کي اوليت ڏيون ته اسان جو ملڪ بھ دنيا جي بھترين ملڪن مان ڳڻيو ويندو۔
انعام: اوهان جو پيغام ڊجيٽل سنڌ جي پڙهندڙن لاءِ؟
ربنواز: ڊجيٽل سنڌ لاءِ منهنجو پيغام آهي ته سنڌي نوجوان خواب ڏسن، خواب تمام سٺا ٿيندا آھن، خواب ئي تھ ھڪ وک آھن اڳتي ھڪ قدم کڻڻ جي....... ۽ سستي، ڪاھلي ۽ اجايو وقت وڃائڻ بند ڪن. پنھنجن خوابن تي ڪم ڪن. امرجليل چوڻي تھ: ”فقير فقط پاڻ وک کڻي، تھ ڪم پاڻ ئي ٿي پوندا!....“
۽ پاڻ کي عالمي سطح تي مقابلي لاءِ تيار ڪن۔ دنيا تمام وڏي آهي ۽ موقعا بي شمار آھن۔ اوهان محنت ڪريو، پيپر تيار ڪريو، ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، ۽ ياد رکو ـ جيڪو ماڻھو  پنهنجي مقصد لاءِ جدوجهد ڪري ٿو، دنيا سندس رستو ٺاهي ٿي۔
مون کي فخر آهي ته مان سنڌي آھيان ۽ اڄ يورپ ۾ پڙھي ۽ ڪمائي رھيو آھيان۔ دنيا ۾ ڪا به شيءِ ناممڪن نه آهي، بس همت، محنت ۽ سچائي ھئڻ گھرجي۔
انعام: سائين اوھان جي وڏي مھرباني اوھان پنھنجو قيمتي وقت ڏنو. لک لائق

ربنواز: اوھان جي پڻ مھرباني اوھان موقعو ڏنو. لک قرب...