سگريٽن جا ٺوٺا يعني دڏ ماحولياتي آلودگي جو هڪ وڏو مسئلو آهن، پر هاڻي محقق هن فضلي کي پائيدار توانائي جي ذخيرن لاءِ اعليٰ ڪارڪردگي وارن حصن ۾ تبديل ڪري رهيا آهن. هي فضلو گهڻو ڪري سيلولوز اي سيٽيٽ تي ٻڌل هوندو آهي، جيڪو پلاسٽڪ جو هڪ قسم آهي. ان کي ختم ٿيڻ ۾ سال لڳي ويندا آهن ۽ اهو مٽيءَ ۾ ڳرا ڌاتو خارج ڪندو آهي. پر ساڳي پوليمري بناوت ئي انهن ٺوٺن کي انجنيئرن لاءِ قيمتي وسيلو بڻائي ٿي. چين جي هينان يونيورسٽي جي هڪ ٽيم سگريٽن جي ٺوٺن کي سپر ڪيپيسٽرز (supercapacitors) جي تياري ۾ استعمال ڪرڻ جو طريقو ڳولي لڌو آهي. خاص طور تي، هن خطرناڪ فضلي کي “ترقي يافته نينوپورس ڪاربان اليڪٽروڊز” ۾ تبديل ڪيو ويو. محققن 29 جنوري تي جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ته: “تيار ڪيل ڊوائيسز اعليٰ توانائي ۽ پاور ڊينسٽي سان گڏ غيرمعمولي ڊگهي مدي وارو استحڪام ڏيکارين ٿيون، جيڪو ماحولياتي صفائي ۽ ٽيڪنالاجي قدر جو هڪ ناياب ميلاپ آهي. فضلي مان تيار ڪيل سپرڪيپيسٽرز محققن رد ٿيل سگريٽن جا ٺوٺا، جيڪي گهڻو ڪري سيلولوز ۽ سيلولوز اي سيٽيٽ مان ٺهيل هوندا آهن،