ماسڪو روس ۾ هڪ ئي وقت آسمان ۾ 2 سج ڏسي شهري حيران ٿي ويا.روسي ٻيٽ سخالين تي هي غير معمولي ۽ حيرت انگيز منظر ڏٺو ويو، جيڪو شهرين ڪئميرا تي محفوظ ڪيو.بين الاقوامي ميڊيا جي رپورٽن موجب، آسمان ۾ نظر ايندڙ هن منظر کي ‘سج ڊاگ’ سڏيو ويندو آهي.ماهرن موجب، روس ۾ گرمي پد نقطي انجماد کان تمام هيٺ هجڻ ڪري، فضا ۾ برف جا ڪرسٽل ٺهي ويا هئا، جنهن جي ڪري هڪ ئي سج 2 هنڌن تي اڀرندو ڏٺو ويو.ان جو مطلب آهي ته حقيقت ۾ فطرت جي قانون موجب 2 نه پر صرف هڪ سج هو.ياد رکڻ گهرجي ته روسي ٻيٽ سخالين تي اڄ گرمي پد مائنس 14 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو ۽ ان جي مائنس 23 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌيڪ گهٽجڻ جو امڪان آهي.