هندستان جي خلائي اداري پنهنجو سڀ کان وڏو سيٽلائيٽ لانچ ڪيو آهي، هندستاني خلائي تحقيق تنظيم (اسرو) هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اهو هندستان جي سرزمين تان لانچ ڪيل سڀ کان وڏو پيل لوڊ آهي.LVM3-M6 راڪيٽ آمريڪا جي ٺاهيل AST اسپيس موبائيل مواصلاتي سيٽلائيٽ کي گهٽ زمين جي مدار ۾ کڻي ويو، لانچ هندستان جي گهٽ قيمت واري خلائي پروگرام کي فروغ ڏئي ٿو، جنهن ۾ ايندڙ سالن ۾ غير عملدار مداري مشن ۽ انساني خلائي پرواز جا منصوبا شامل آهن،سيٽلائيٽ جو وزن 6,100 ڪلوگرام (13,448 پائونڊ) آهي،