DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content

روس جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ  ايپ واٽس ايپ کي مڪمل طور تي بلاڪ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، روس هڪ ڀيرو وري واٽس ايپ تي ڏوهن کي روڪڻ ۾ ناڪاميءَ جو الزام لڳائيندي، شهرين کي متبادل ۽ مقامي ايپ تي منتقل ٿيڻ تي زور ڏنو آهي. روسي سڌ سماءُ واري اداري روسڪو مينڊزو موجب، جيڪڏهن واٽس ايپ روسي قانونن جي پاسداري نه ڪندو ته ان کي مڪمل طور بلاڪ ڪيو ويندو. اِها پابندي روس طرفان هلندڙ سال آگسٽ ۾ واٽس ايپ ڪالز تي مڙهيل پابندي جي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. رپورٽن موجب، روسي واهپيدارن کي رياستي سرپرستي هيٺ هلندڙ ۽ سرڪاري خدمتن سان واڳيل ميسيجنگ ايپ ميڪس تي منتقل ٿيڻ زور ڏنو ويو آهي، ميڪس هڪ ملڪي ميسيجنگ سروس آهي ۽ جنهن ۾ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن موجود ناهي. ان ڏس ۾ واٽس ايپ جي مالڪ اداري ميٽا جو چوڻ آهي ته واهپيدارن جي محفوظ مواصلاتي ڊيٽا روسي ادارن سان شيئر ڪرڻ کان انڪار کانپوءِ روس واٽس ايپ تي پابندي لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته ٽيليگرام ۽ واٽس ايپ روس جون ٻه مقبول ميسيجنگ سروسز آهن، پر روسي حڪومت جو مطالبو آهي ته دهشتگردسرگرمين ۽ ٺڳيءَ جي جاچ لاءِ ٻئي پيغام رسائيندڙ ايپ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي واهپيدارن جي ڊيٽا تائين پهچ فراهم ڪن.