DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content

حڪومت وفاقي سطح تي سائبر سيڪيورٽي اٿارٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تفصيل موجب آءِ ٽي وزارت سائبر سيڪيورٽي اٿارٽي جي قيام لاءِ سائبر سيڪيورٽي ايڪٽ جو شروعاتي مسودو تيار ڪري، ان کي اسٽيڪ هولڊرز کي صلاح مشوري لاءِ موڪليو آهي.آءِ ٽي وزارت موجب، قومي سائبر سيڪيورٽي پاليسي ملڪ گير ڊجيٽل سيڪيورٽي لاءِ هڪ فريم ورڪ فراهم ڪري ٿي. پاليسي کي ڊجيٽل معيشت وڌائڻ واري پروگرام تحت لاڳو ڪيو پيو وڃي.آئي ٽي وزارت جي دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته محفوظ ڊيٽا ايڪسچينج ليئر ۽ ڊجيٽل سڃاڻپ منصوبن تي اڳڀرائي ٿي آهي، جڏهن ته نادرا، ايف بي آر، ۽ ٽيليڪام ڊيٽا کي اهم ڊجيٽل انفراسٽرڪچر قرار ڏنو ويو آهي.آفيسرن موجب، اٿارٽي اهم قومي انفراسٽرڪچر لاءِ سائبر سيڪيورٽي قدمن جي سفارش ڪندي، جڏهن ته سائبر سيڪيورٽي اٿارٽي ملڪ ۾ سائبر سيڪيورٽي قدمن کي لاڳو ڪندي.