28 فيبروري 2026ع تي ھلندڙ ڳالھين دوران آمريڪا ۽ اسرائيل گڏجي ايران تي اوچتو حملو (Surprise Attack) ڪري، ايران جي سپريم ليڊر
آيت اللھ خامناءِ سميت 48 فوجي اڳواڻن جي قيادت کي ختم ڪرڻDecapitation) واري جنگي حڪمت عملي تحت قتل ڪري ڇڏيو. اسرائيل ۽ آمريڪا جو ڳجھو منصوبو ھيو تھ، ايران جي سياسي توڙي فوجي قيادت کي ھڪ ڌڪ سان قتل ڪري، ايران ۾ قيادت Chain of command جو بحران پيدا ڪري وٺندا ۽ ان کان پوءِ ايراني رياست ۽ سماج ۾ موجود حڪومت مخالف عنصرن ۽ قوتن کي ھڪ مُٺ ڪري، ايران ۾ حڪومت جي تبديلي (Regime change) جي پنھنجي منصوبي کي عملي جامو پھرائي وٺندا. منصوبي جي پھرين حصي ۾ موساد، سي آءِ اي، ايم آءِ اي 6 وغيرھ سئو سيڪڙو ڇا ھڪ ھزار سيڪڙو ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، ان حد تائين جو سپريم ليڊر، بچاءُ جو وزير چيف آف آرمي اسٽاف، ايئر چيف، پاسداران انقلاب (IRGC) جي چيف سميت 48 انتھائي اھم فوجي ڪمانڊرن کي پھرين مرحلي ۾ پورو ڪري ڇڏيو، پر منصوبي جي ٻي مرحلي ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل کي ڪاميابي نھ ٿي سگھي، يعني حڪومت جي تبديليءَ لاءِ متوقع طور تي رياستي ادارن جي اندر توڙي عوامي سطح تي ڪا معني خيز ڀرپور بغاوت سامھون نھ آئي، الٽو حملي جي ھڪ ڪلاڪ جي اندر ايراني فوج گلف ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن توڙي اسرائيلي شھرن ۽ فوجي اسٽريڪچر کي پوري ڪاميابيءَ سان نشانو بنائڻ شروع ڪري ڏنو. ايران جو اھو تڪڙو ۽ ڀرپور ردعمل آمريڪا ۽ اسرائيل سميت پوري دنيا لاءِ حيرتناڪ ۽ ناقابل يقين ھو، ان حد تائين جو پھرين ھڪ ٻن ڏينھن جي اندر ئي قطر ۽ بحرين ۾ آمريڪا جي انتھائي مھانگي ۽ Sophisticated ھوائي دفاعي نظام(Air Defense System)جون اکيون ڪڍي ڇڏيون، قطر ۾ موجود 1.3، ارب ڊالر ۽ بحرين ۾ 500 ملين ڊالرن جي جديد ترين آمريڪي ريڊار سسٽم کي ناڪارھ بڻائي، ايران ھڪ نئين قابل رشڪ پر ناقابل يقين تاريخ رقم ڪري ڇڏي. آمريڪي ايئر ڊفينس سسٽم جون اکيون ڪڍي ڇڏڻ، کانپوءِ آمريڪي فوجي اڏن تي موجود فوجي ان حد تائين ايراني ميزائيل ۽ ڊرون حملن جي آڏو غير محفوظ بڻجي ويا، جو مجبوريءَ وچان پھريائين آمريڪا کي پنھنجا فوجي بيسز مان ڪڍي، سولين آبادين ۾ فليٽن وغيرھ ۾ آڻڻا پئجي ويا، پر جڏھن سولين آبادين ۾ بھ ايراني ميزائلن ۽ ڊرونن سندن پيڇو نھ ڇڏيو ۽ بحرين جي حڪومت تھ کليو آمريڪا کي چيو تھ: ”اھي آمريڪي فوجين جو وڌيڪ بچاءُ نٿا ڪري سگھن.“ تھ آمريڪا کي مجبور ٿي، اتان پنھنجا فوجي سعودي عرب يا ٻين ٺڪاڻن تي منتقل ڪرڻا پئجي ويا. ٻي پاسي اسرائيل جي گاديءَ جي ھنڌ تل ابيب، ان جي فوجي تنصيبات، موساد ھيڊ ڪوارٽر ۽ اسرائيل جي معاشي ھب حائفا کي بار بار ڪاميابيءَ سان نشانو بڻائڻ سان، ايران جنگ جي شروعاتي ڏينھن ۾ اھو ثابت ڪري ڇڏيو تھ، آمريڪا ۽ اسرائيل جي 96 ڪلاڪن ۾ ايراني حڪومت کي ھٿيار ڦٽا ڪرائن واري، حڪمت عملي بُري طرح ناڪام ٿي چڪي آھي ۽ ايران ڊگھي جنگ جي تياري ڪري ويٺو آھي.
ايران ڪئين ڪامياب ٿيو؟؟!
قومن جي تاريخ ۾ ڪو ورلي اھڙو مثال ملندو، جئين ايراني قوم ڪري ڏيکاريو آھي. جنگ جي پھرين وار ۾ ڪنھن قوم جي سياسي توڙي عسڪري قيادت مڪمل طور تي مارجي وئي ھجي، پر ان باوجود فوجي لشڪر جي جنگي جذبي توڙي ڪارڪردگيءَ تي منفي جي بجاءِ ڀرپور مثبت اثر ٿيو ھجي، بلڪھ روحاني رھبر ۽ پنھنجي سپھھ سالارن جي شھادتن کي ان فوج ۽ مجموعي طور سڄي قوم پنھنجي عظيم پيارن جي انتقام وٺڻ جي جذبي ۾ تبديل ڪري پاڻ کي ايراني جبلن جھڙو عظيم ۽ اٽل بڻائي ڇڏيو آھي. سندن ان عظيم ڪردار لاءِ صرف حب الوطني، قومي غيرت ۽ عظيم انتقام جا جذبا ھجڻ ڪافي نھ ھو، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايران جي سياسي ۽ عسڪري قيادت ڊگھي منصوبابندي ڪئي ھئي، توڙي جو آمريڪا ۽ اسرائيل جي شھرن خاص طور تي تھران جي سِرَ سِرَ کان جدا ڪري ڇڏي آھي ۽ ايرانين کي قومي غيرت جي سزا ڏيڻ لاءِ انھن کي بارود ۽ باھھ ۾ زندھ جلايو پيو وڃي، پر ان جي باوجود ايران جبل جئيان اٽل ڪئين بيٺو آھي، ان جا بنيادي سبب ھيٺ ڏجن ٿا:
جنگ وڙھڻ لاءِ جذبا ڪافي ناھن!!
جنگ وڙھڻ لاءِ ھٿيار پنھوار کپن. انڪري 1979ع ۾ا يراني انقلاب اچڻ واري پھرين ڏينھن کان وٺي ايراني حڪومت کي خبر ھئي تھ، دير يا سوير کين ھڪ ڏينھن آمريڪي ۽ اسرائيلي ڀرپور اعصاب شڪن غيض کي منھن ڏيڻو پوندو ۽ کين اھا بھ ڀليءَ ڀت خبر ھئي تھ، آمريڪي فوجي طاقت ۽ بربريت جو مقابلو روايتي فوجي ھٿيارن ۽ حڪمت عملين سان اھي ھرگز ڪري نٿا سگھن، انڪري ايراني رياست انھن جي مقابلي ڪرڻ لاءِ غيرروايتي جنگ (Asynetric warfare) ۽ غيرروايتي جنگ ھٿيارن (ڊونز ۽ ميزائيلن) کي جديد ۽ اروڪ (Irresistible) بڻائڻ جي حڪمت عمليءَ تي ڪم شروع ڪيو. ايراني حڪومت کي اھا بھ پوري ڄاڻ ھئي تھ، آمريڪا ۽ اسرائيل وٽ تاريخ ۽ دنيا جو سڀ کان وڏو ايئر ڊفينس سسٽم موجود آھي ۽ ايران جي امڪاني ميزائيل ۽ ڊرون حملي کي اھو ايئر ڊفينس سسٽم آسانيءَ سان روڪي ناڪارھ ڪري ڇڏيندو. ان ڪري سڀ کان اھم ۽ بنيادي مسئلي جو حل ايرانين ٽن طريقن سان ڪڍيو.
(الف). ايران اھڙا ڊرونز ۽ ميزائيل ٺاھڻ شروع ڪيا، جيڪي آمريڪي ۽ اسرائيلي ايئر ڊفينس سسٽم کي چڪمو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ جي صلاحيت رکندا ھجن. مثال طور: شاھد 362 ڊرونز ۽ خيبرشڪن، خرم شھر 4 وغيرھ وغيرھ توڙي ٻيا بئلسٽڪ ۽ سپر سانڪ ميزائيل.
(ب). ايران سستا ڊرون ۽ ميزائيل جوڙڻ جو پروگرام جوڙيو ۽ ھڪ ئي وقت گھڻا ڊرونز ۽ ميزائيل نشاني تي چٽڻ جي ذريعي آمريڪي ۽ اسرائيلي ايئر ڊفينس سسٽم جي بئٽرين کي ٿڪائي، سھڪائي ۽ منجھائي (Saturate) ڪري باقي پٺيان بچي ويل ڊرونز ۽ ميزائيلن کي ٽارگيٽ کي چٽڻ واري ڪامياب حڪمت عملي جوڙي. ان سان گڏوگڏ سستن ڊرونز ۽ ميزائيلن جي ذريعي، آمريڪي مھانگن پيٽرياٽ، ٻين ميزائيلن جي ذريعي آمريڪا ۽ اسرائيل لاءِ جنگ کي ناقابل يقين حد تائين مھانگو بڻائي ڇڏيو. مثال طور: ايراني شاھد 360 ڊرون جنھن جي لاڳت لڳ ڀڳ ويھھ ھزار ڊالر چئي وڃي ٿي، ان کي ڪيرائڻ (Intercept) لاءِ گھٽ ۾ گھٽ آئرن ڊوم يا THAD سسٽم کي ٻھ پيٽرباٽ ميزائيل کپن ٿا ۽ ھڪ پيٽرباٽ ميزائيل لاڳت گھٽ ۾ گھٽ ويھھ ملين ڊالر ٻڌائي پئي وڃي. سو ان حڪمت عملي تحت ايران سوين بلڪھ ھزارين سستا ڊورن ۽ ميزائيل جوڙيا آھن، جيڪي اھو استعمال ڪري آمريڪا ۽ اسرائيل جا مھانگا ميزائيل ضايع پيو ڪرائي. ايران جو ان حوالي سان ذخيرو (Stockpile) ايترو گھڻو آھي، جو دل کولي استعمال ڪرڻ کان پوءِ بھ ان کي ڪا گھٻراھٽ نھ ٿي ٿئي، جڏھن تھ آمريڪا ۽ اسرائيل لاءِ چيو پيو وڃي تھ، انھن جو ذخيرو ايترو گھڻو ناھي ۽ ان ڪري ئي آمريڪي صدر پاران ھڪ کان وڌيڪ دفعا ايران کي ڳجھن سفارتي ذريعن موجب، جنگبنديءَ جي آڇ بھ ڪري چڪو آھي، پر ايران ھن دفعي ھڪ ھڪاڻي ڪرڻ جي موڊ ۾ نظر اچي پيو ۽ ايران اھڙي آڇ کي جائز دليلن سان رد ڪري چڪو آھي.
پھرين ڏينھن کان وٺي ايرانين کي پتو ھو تھ، اھي ڇا بھ ڪري وجھن پر آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايئر فورس کي قابو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ڪونھ سگھندا، انڪري ايرانين پنھنجي ڊرونز، ميزائيلن ۽ ٻئي ھٿيار پنھوار ۽ انھن جي ٺاھڻ وارين فيڪٽرين توڙي ٻين فوجي اثاثن جي تحفظ لاءِ زير زمين ڪارخانا ۽ شھر ايران جي عظيم جبلن جي اندر غارن وغيرھ ۾ ٺاھيا آھن تھ جئين اھي پنھنجي قيمتي دفاعي اثاثن کي محفوظ بڻائي طاقتور ترين ۽ خطرناڪ ترين فوجي طاقتن سان ڊگھي جنگ جوٽي سگھڻ ۾ ڪاميابي ماڻي سگھن.
(ٻ).ايراني قيادت کي پھرين ڏينھن کان وٺي اھا چڱي طرح خبر ھئي تھ آمريڪا ۽ اسرائيل سان ڊگھي جنگ جوٽڻ لاءِ انھن کي روس ۽ چين جي ڀرپور عملي ۽ فوجي مدد درڪار ٿيندي، ان ڪري انھن چين سان دفاعي معاھدي تي صحيون ڪيون ۽ چين کي ان جي توانائي جي ضرورتن جو 40 سيڪڙو ايران مھيا ڪري ٿو. جڏھن تھ روس سان ويجھن سياسي، معاشي ۽ دفاعي تعلقن جي نوعيت ان سطح جي آھي جو روس_يوڪرين جنگ ۾ ايران جي شاھد 360 ڊرون خاص طور تي روس جي يوڪرين خلاف حملي جي پوزيشن کي خاشو مضبوط بڻايو. ايران جي شاھد 360 ڊرون جي آخر ڪا تھ خوبي آھي جو روس ان کي Modify ڪري پنھنجي الڳ Variant جو ميزائيل ٺاھيو آھي ۽ آمريڪا يوڪرين مان ان جو ملبو ھٿ ڪري، پنھنجو جديد ڊرون ٺاھيو آھي ۽ ايران خلاف جنگ ۾ استعمال پيو ڪري.
روس جو جديد 300S ،S3500 (چيو پيو وڃي تھ، S400 ) ايئر ڊفينس سسٽم روسي ۽ چيني سيٽ لائيٽس ۽ اسرائيل خلاف ايران جون اکيون ۽ ڪن بڻيل آھن، اڄ جي جديد جنگ بغير ڪنھن شڪ جي Modern Electric War ئي آھي ۽ ايران جي سڌي ٽارگيٽ کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت چيني ۽ روسي ڀرپور مدد جي ڪري ئي آھي.
(ڀ).ايرانين جي روحاني پيشوا آيت اللھ خامناءِ اسرائيل جي آزمايل ۽ ناقابل يقين حد تائين ڪامياب ويل Decapitation جي حڪمت عملي جو ٽوڙ پڻ اھڙو ڪڍيو، جنھن تي ايندڙ تاريخدان ھميشھ حيرت کائيندا. چيو وڃي ٿوتھ، جڏھن خامناءِ کي ھن جي ويجھن ساٿين ۽ صلاحڪارن اسرائيل ۽ آمريڪا جي حملن کان سر بچائڻ لاءِ زير زمين مضبوط بنڪر ۾ پناھھ وٺڻ جي صلاح ڏني تھ، ھن مرڪندي چيو: ”Decapitation جو توڙ حسيني طريقو آھي، بي خوف مرڪندا موت جي سامھون وينداسين ۽ شھادت جو شوق پورو ڪنداسين.“
ھو ھڪ دفعو بھ زير زمين بنڪر ۾ نھ وڃي لڪو، بلڪھ پنھنجي ساٿين ۽ فوجي ڪمانڊرن جي وچ ۾ ببرشير بڻيو ويٺو رھيو ۽ حسيني شھادت جي روايت ۽ ثقافت کي زندھ ڪري، قيادت لاءِ پڻ رستو متعين ڪيائين. توڙي جو ان حڪمت عملي تي ڪافي سارن تنقيدنگارن تنقيد پڻ ڪئي آھي، پر غيرروايتي حالتن ۾ غير روايتي فيصلا ۽ غير روايتي حڪمت عمليون اپنائڻيون پون ٿيون. عظيم رھبر جي ورتل بي خوف شھادت واري واٽ ۽ ان جي ڏسيل رستي تي ھلندي، شھيد ٿيندڙ باقي قيادت کي ڏسي ايراني قوم ۽ فوج مضبوط ۽ اٽل بيٺل آھي، ان حد تائين جو اسرائيل ۽ آمريڪا جي چوويھھ ئي ڪلاڪ ھلندڙ بمباريءَ جي باوجود لکين ايراني ھر رات روڊن ۽ رستن تي نڪري حڪومت جي مڪمل حمايت جو کليو ۽ عملي اظھار ڪن ٿا ۽ ان طريقي سان موساد، سي آءِ اي ۽ ايم آءِ 6 جي ايران جي اندر حڪومت خلاف عوامي بغاوت برپا ڪرڻ واري Regime change واري حڪمت عملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ياد رھڻ گھرجي تھ، ڪابھ قوم يا ڪابھ فوج تڏھن ئي جذبي ۽ ھمت سان وڙھندي آھي، جڏھن انھن جي قيادت جرنل جنگ ميدان ۾ فوجين سان گڏ پھرين صف ۾ ڄمي وڙھندا آھن.
(ت).ايران حڪومت توڙي فوجي قيادت وٽ Decapitation جو خطرو ھڪ بنيادي حقيقتن طور سامھون ھو، انڪري انھن کي ڀرپور احساس ھو تھ جيڪڏھن دشمن جي ڪنھن بھ حملي ۾ جيڪڏھن پوري قيادت مارجي وڃي تھ ھڪ تھ ھر عھدي جا گھٽ ۾ گھٽ چار نعم البدل (Replacement) مقرر ڪيا ويا ۽ ٻيو سڄي فوجي قيادت ۽ پاسداران انقلاب (IRGC) کي 31 ئي صوبن ۾ خودمخيار طور فيصلي ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو، ٻن لفظن ۾31 ئي صوبن جي پاسداران انقلاب کي الڳ الڳ فوج ۽ انھن جي قيادت جوڙي وئي ۽ ھر ڪمانڊر جا چار نائب ترتيبوار ڪمانڊر1، ڪمانڊر2، ڪمانڊر3، ڪمانڊر 4 اڳواٽ ئي مقرر ڪيا ويا. ھڪ جي شھيد ٿيڻ سان آٽو ميٽڪ قيادت ٻئي وٽ اچي ويندي، انھن کي ميزائيل، ڊرونز ۽ اسلحو، بارود جو الڳ ذخيرو ڏنو ويو ۽ ڪو بھ ڪمانڊر مٿان جي حڪمن جو انتظار نھ ڪندو ۽ طئي ٿيل ٽارگيٽ کي پنھنجي طور ئي چٽڻ شروع ڪندو، ان مرڪز گريز (Decentralized) نظام ئي سالن کان ڪم ڪيو ويو ھو، اھو ئي سبب ھو جو 28 فيبروري تي جئين سڄي ايراني قيادت شھيد ڪئي وئي تھ، ملڪ ۾ قيادت جي بحران سامھون اچڻ بجاءِ ھڪ ڪلاڪ جي اندر ئي ايران گلف ۾ آمريڪي فوجي اڏن توڙي اسرائيل جي شھرن ۽ فوجي تنصبيات تي ڪاميابيءَ سان نشانو بڻايو، پاسداران انقلاب جي ان مرڪز گرينز قيادت جي ڪامياب فوجي حڪمت عمليءَ جو نتيجو ھو، جو پھرين مارچ تي يعني جنگ جي ٻئي ڏينھن ئي پاسداران انقلاب پنھنجي عظيم فوجي ايجاد فتح 2 ميزائيل سان گلف ۾ موجود آمريڪي فوج جي فارورڊ ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سينٽر تي حملو ڪري، آمريڪا جي 12 اعليٰ فوجي آفيسرن کي ھڪ ئي بلڊنگ ۾ قتل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا، چيو وڃي ٿو تھ انھن اعليٰ آمريڪي فوجي آفيسرن ۾ ٻھ جنرل، ٽي ڪرنل، ٽي ليفٽيننٽ ڪرنل، ۽ ٽي ميجر شامل ھيا، فوجي ماھرن جي چوڻ موجب، گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن ۾ آمريڪي فوج جو ھڪ ئي وقت ايڏو وڏو نقصان ناھي ٿيو.
مٿي بيان ڪيل مربوط پر غير روايتي حڪمت عمليءَ سان ايراني قيادت آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ڪيل گھٽ ۾ گھٽ 20 ھزار حملن ۽ ايراني شھرن ۽ ڳوٺن کي موھن جو دڙو بڻائي ڇڏڻ جي باوجود، ايران اڃان تائين تھ مضبوط پھاڙ جئيان اٽل بيٺل آھي.
اڄ جو جنگي منظرنامو:(Battlefield Scenario)
اڄ جڏھن آئون ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جنگ جو جنگي منظرنامو پيش ڪري رھيو آھيان، تڏھن ھن جنگ کي پورو ھڪ مھينو ۽ ٽي ڏينھن گذري چڪا آھن ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل جي جوڙيل Decapitation ۽ ان جي نتيجي ۾ ڌڙام ڪري، ڪري پوندڙ ايراني حڪومت (Regime change) جي حڪمت عملي تھ تاريخ جي ڊسٽ بن ۾ وڃي چڪي آھي، ان حد تائين جو اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو پنھنجي مخبر اعليٰ (Spy Chief) موساد جي سربراھ کي (ڪيبينيٽ ميٽنگ جي ليڪ ڪيل خبر مطابق) ذميوار ٺھرايو تھ:” ھن کيس يقين ڏياريو ھو تھ، Decapitation کان پوءِ موساد جا ايجنٽ ايران ۾ عوامي بغاوت ڪرائي، اقتدار تي قبضو ڪري وٺندا.“
ٻي پاسي آمريڪي صدر ٽرمپ پسنديدھ ۽ منتخب ڪيل ايران سان ڳالھيون ڪندڙ (Negotiates)اسٽيوڊڪاف ۽ جيرالڊ ڪشنر (جيڪو ٽرمپ جو نياڻو بھ ٿئي) کي ذميوار ٺھرائندي چيو تھ:”انھن مونکي چيو تھ ايران نيوڪليئر ڳالھين لاءِ سنجيدھ ناھي.“
ھاڻي اچو تھ اڄوڪي جنگي منظرنامي تي غور ڪريون:
ايران جي صورتحال: آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي شھرن، رھائشي عمارتن، شاپنگ مالز، اسڪولن، يونيورسٽين،اسپتالن، نرسري ھومز، پوڙھن ماڻھن جي ڀلائي جي مرڪز، تيل ۽ گئس جي ذخيرن توڙي ان جي انفرااسٽريڪچر، ايئرپورٽن، دفاعي تنصيباتن، نيوي جي جھازن ان حد تائين جو ايمبولينس کي پڻ نشانو بڻايو آھي. مطلب تھ ايران جي چپي چپي تي گھٽ ۾ 20 ھزار ڀرپور حملا ڪري چڪا آھن، انھن پنھنجي پر ۾، ايران جي سر سر کان جدا ڪري ڇڏي آھي ۽ آمريڪي سربراھ ٽرمپ ۽ نيتن ياھو ھر روز ڳلا ڦاڙي پريس ڪانفرنسون ڪري رھيا آھن تھ، انھن ايران جي 90 يا 95 سيڪڙو ڊرونز، ميزائيل، ايئرفورس ۽ نيوي وغيرھ کي تباھھ ڪري ڇڏيو آھي ۽ ايران کي غيرمشروط طور تي ھٿيار ڦٽا ڪرڻ (Surrender) گھرجي. آمريڪا ۽ اسرائيل جي سڀني بلند بانگ دعوائن جي باوجود جنگ جو حقيقي منظرنامو بنھھ ئي مختلف منظر پيش ڪري رھيو آھي، توڙي جو ان جنگ ۾ پنج ھزار کان وڌيڪ ايراني مارجي چڪا آھن ۽ ھزارن جي تعداد ۾ زخمي آھن ۽ مٿن حملا ڳاڙھي آندھي، وانگر وسي رھيا آھن، پر ان جي باوجود جنگ جي ميدان ۾ ايراني حملن جي صلاحيت ھر ايندڙ ڏينھن تي آمريڪي ۽ اسرائيلي دعوائن جي ابتڙ وڌندي پئي وڃي. ايراني ڊرونز ۽ ميزائيلن جي ٽارگيٽ کي نشانو بڻائڻ جي ھر روز وڌندڙ صلاحيت، پوري دنيا تي دھشت طاري ڪري رکندڙ آمريڪي ۽ اسرائيلي ايئرڊفينس سسٽم جي قلعي کولي وڌي آھي. ويھھ ھزار ڊالرن جو انتھائي سستو ايراني ڊرون شاھد 360 ۽ ٻيا سستا ڊرونز ۽ ميزائيل آمريڪا ۽ اسرائيل جي اربين ڊالرن سان جوڙيل ٽن دائرن (Three layers) 1.THAD Battaries 2.David sling 3.Iron Dome واري دنيا جي مھانگي ترين ۽ مضبوط ايئر ڊفينس سسٽم کي چڪمو ڏئي، سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مضبوط سمجھيو ويندڙ اسرائيلي نيو ڪليئر پروگرام واري شھر Dimona کي گذريل ھڪ ھفتي ۾ ٽي دفعا ڪاميابي سان نشانو بڻائڻ واري صلاحيت دنيا جي عسڪري ماھرن توڙي، پوري دنيا جي فوجي حلقن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون آھن.
توڙي جو اسرائيل ۽ آمريڪي فوجي جھازن ۽ بارود ايران جي انساني سولين توڙي فوجي انفرا اسٽريڪچر جي ايڏي وڏي تباھي ڪئي آھي، جو ايراني قوم کي وري پنھنجي پيرن تي بيھڻ لاءِ ڪيئي ڏھاڪا لڳي ويندا ۽ ٻيو آمريڪي ۽ اسرائيل جي فوجي صلاحيت جو ڪو بھ مقابلو نھ ھئڻ جي باوجود، ھن مھل تائين جنگ جي ميدان ۾ ايران کي آمريڪا ۽ اسرائيل تي واضح برتري حاصل آھي.
اسرائيل جو جنگي منظرنامو: توڙي جو اسرائيلي حڪومت ايراني ڪنھن بھ حملي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباھيءَ جو صرف فوٽو ڪڍڻ يا ان کي شيئر ڪرڻ، ميڊيا سان ڳالھائڻ وغيرھ تي سخت پابندي لڳايو ويٺي آھي ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙ کي غير معيانھ مدت تائين جيل ۾ بند ڪيو وڃي ٿو، پر ان جي باوجود ليڪ ٿيل خبرن ۽ اميجز ۽ وڊيوز مان ايراني شھرن، فوجي مرڪزن، ايئرپورٽن، نيوڪليئر سائيٽس، تيل، گئس ۽ بجلي جي مرڪزن ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ ڪندڙ حائفا شھر ۽ بندرگاھھ توڙي گاديءَ جي ھن تل ابيب کي بار بار ڪاميابيءَ سان نشانو بڻائي، ايران اسرائيلي حڪومت توڙي جنگ جي حمايت ڪندڙ اسي سيڪڙو جنگي جنوني Religious Fanatics يھودين Zionist کي ڇٺي جو کير ياد ڏياري ڇڏيو آھي ۽ گھڻي ڀاڱي انھن جو جنگ جو شوق پورو ڪري ڇڏيو آھي، اسرائيل توڙي آمريڪي شھرن ۾ جنگ کي بند ڪرڻ لاءِ مظاھرا شروع ٿي ويا آھن. ٿي سگھي ٿو تھ ايران جي ڀيٽ ۾ اسرائيلين جو جاني نقصان گھٽ ٿيو ھجي ۽ ان جو بنيادي سبب ٻن قومن جي نظرين جو فرق آھي، ايراني عظيم انساني تھذيب جا وارث آھن، جيڪي جنگ جي صورت ۾ بھ انساني آبادين تي حملي ڪرڻ کي جنگي جرم War crime سمجھن ٿا، جڏھن تھ اسرائيلي ۽ آمريڪي حڪمران نسل ڪشيءَ جي نظريي ۾ يقين رکن ٿا، اسرائيل کي تھ ڇڏيو، پر آمريڪي حڪمرانن جي نسل ڪشيءَ جو تازو مثال تي غور ڪريو: 28 فيبروري تي حملي واري پھرين ڏينھن ٻين شھري آبادين کي باھھ ۽ بارود ۾ ساڙڻ سان گڏ خاص طور تي تھران ۾ معصوم نياڻين جي ھڪ پرائمري اسڪول کي آمريڪي دھشت ۽ طاقت جي اھڃاڻ ٽوڪو ھامر1 ميزائيلن سان نشانو بڻايو ويو، جنھن ۾ ڇھن کان ڏھن سالن جون گھٽ ۾ گھٽ ٻھ سئو نياڻيون بيدرديءَ سان ڳڀا ڳڀا ڪيون ويون، جڏھن تھ سوين وڌيڪ زخمي ٿي پيون، آمريڪا تي جڏھن معصوم ٻارڙين جي اسڪول تي حملي ڪرڻ لاءِ تنقيد ٿيڻ لڳي تھ ٽرمپ، ھيگسٽ ۽ مارڪو روبيو وڏي نڪ جي پڪائي سان ترديد ڪرڻ لڳا تھ، آمريڪا ان اسڪول تي حملو ناھي ڪيو، ان حوالي سان آمريڪا جي اڳوڻي فوجي سربراھھ جنرل ڪين کان جڏھن پڇيو ويو تھ ھن صاف وراڻيو:”اسڪول تي، ٽوڪو مامز ميزائيلن سان حملو ٿيو آھي ۽ ظاھر آھي ٽوڪو مامز ميزائيل آمريڪي مليٽري کان سواءِ، ٻي ڪنھن وٽ ڪونھي ۽ اوھان کي اھو ڄاڻي آمريڪي حڪمرانن کان نفرت ٿيندي تھ، انھن نياڻين جي ان اسڪول کي انڪري ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو، ڇاڪاڻ تھ اتي پاسداران جي انقلاب جي آفيسرن جون نياڻيون تعليم حاصل ڪنديون ھيون!
جنگ جي ڪري اسرائيلي شھرين جي اندر جي صورتحال ڏاڍي خراب آھي، اسرائيل شھري جنگ جا حامي انڪري آھن، جو گذريل سڄي ساري مني صدي اسرائيل لڳ ڀڳ پنھنجي پاڙيسري ملڪ تي حملا ڪري وڏي بيدرديءَ سان اتان جي بيگناھھ شھرين کي گجرن مورين وانگر پئي ڳڀا ڳڀا ڪيو ھو ۽ بدقسمتيءَ سان ڪنھن بھ عرب ملڪ جي حڪمرانن ۾ نھ اھا قومي غيرت ھئي ۽ نھ وري انھن ۾ اسرائيل جارجيت ۽ نسل ڪشيءَ کي جواب ڏيڻ جي سگھھ، صلاحيت ھئي. انڪري اھي سڀئي جنگون اسرائيل جي سرزمين کان ٻاھر ٿيون ۽ اسرائيل شھرين کي جنگ جي بدلي ۾ ڪا رنھنڊ يا چھنڊي بھ ڪانھ پئي، ٻين لفظن ۾ اسرائيلي شھري تاريخ ۾ پھريون دفعو ڏسي ۽ ڀوڳي رھيا آھن تھ جنگ ڪيتري خوفناڪ ٿيندي آھي، تازو ھڪ اسرائيلي عورت وال اسٽريٽ جنرل، جي نمائيندي کي تل ابيب م انٽرويو ڏيندي چيو:”گذريل رات ٿوري ٿوري وقفي سان نو دفعا خطري جا گگھو (Syrian) وڳا، اسان زال مڙس ٻن ٻارن کي بار بار نو دفعا پناھگاھ (Bunker) کڻي وڃي چريا ٿي پياسين، ميزائيلن ۾ مارجي وڃڻ کان وڌيڪ اذيتناڪ اھو آھي تھ اسين ھر لمحي ميزائيلن ڪرڻ جي خوف ۾ ۽ سائرن ٻڌندي مري رھيا آھيون...“
جون 2025ع واري ايران، اسرائيل معرڪي دوران مشھور آمريڪي عسڪري ماھر اسڪارٽ رٽر ھلندڙ جنگ دوران خوب تبصرو ڪيو ھو تھ:”جنگ جو آخري نتيجو ان تي نڪرندو تھ ايرانين ۽ اسرائيلين ٻنھي مان درد(Pain) کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت ڪنھن ۾ وڌيڪ آھي؟!!“ ھن پنھنجي ئي سوال جو جواب ڏيندي چيو:”ظاھر آھي، ايران قوم ۾ درد کي برداشت ڪرڻ جي بيپناھھ صلاحيت آھي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ اسرائيلين ڪڏھن بھ جنگ جو درد بلڪھ سيڪ بھ محسوس ناھي ڪيو.“
اسرائيل لاءِ حزب اللھ نئون جنگي محاذ آھي، اسرائيل حذب اللھ جي سربراھھ حسين نصراللھ ۽ ٻي سياسي توڙي فوجي قيادت جي Decapitation واري منصوبي تي وڏي ڪاميابيءَ سان عمل ڪرڻ کانپوءِ لبناني مزاحمت واري محاذ کان گھڻي ڀاڱي بي اونو ٿي ويو ھو، اسرائيل آمريڪا بلند بانگ دعوائون ڪري رھيا ھيا تھ، انھن حذب اللھ جي چيلھھ ڀڃي ڇڏي آھي ۽ اھي ھاڻي اسرائيل جي سامھون ٿيڻ جي ڪڏھن بھ ھمت نھ ساريندا، پر ايران تي حملي جي ٻي ڏينھن ئي حذب اللھ اسرائيل تي راڪيٽن ۽ ميزائيلن جي برسات وسائي، ان خلاف ٻيو محاذکولي ڇڏيو. اڄڪلھھ اڪثر عسڪري ماھر حذب اللھ جي تازي جنگي صلاحيت کي داد ڏيڻ کان سواءِ رھي نٿا سگھن، خاص طور تي ھڪ ڏينھن جي آمھون سامھون جي معرڪي ۾ اسرائيل جي جديد ترين Merkava Tanks سڄيون ساريون 21 ٽينڪون تباھھ ڪرڻ سان اھي ماھر جنگ جو ماضي وارو اھو منظر نامو ياد ڪري رھيا آھن، جڏھن 2006ع ۾ بيروت شھر ۾ حذب اللھ اسرائيلي فوج کي لاڳيتو رت جون مانيون کارائيندا رھيا ھيا ۽ نتيجي ۾ اسرائيل پھريون دفعو ذلت آميز طريقي سان ڪنھن ملڪ مان ڀڄي جان ڇڏائڻ ۾ عافيت سمجھي ھئي.
گريٽر اسرائيل جي منصوبي تي عمل ڪندي اسرائيل ڪڏي ڏکڻ لبنان ۾ پنھنجون فوجون داخل تھ ڪري ورتيون آھن، پر حذب اللھ جي غير متوقع ۽ ناقابل يقين مزاحمت اسرائيلي فوجي قيادت جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آھن، اڃان ڪالھھ ئي ڪيبينيٽ ميٽنگ جي ليڪ ڪيل خبر مطابق، اجلاس ۾ آءِ ڊي ايف (اسرائيلي ڊفنيس فورسز) جي سربراھھ سياسي قيادت کي کليو چيو تھ:”اسرائيلي فوج 900 ڏينھن کان جنگ ۾ رڌل آھي، فوج کي ساھي (آرام جو وقت)ڏيڻو پوندو ۽ اسان جي فوج جو رزروَ سسٽم (Reserve System) ناڪارھ آھي، اسان کي Reserve System جا قانون جلد مٽائڻا پوندا. اسان کي ڪاميابيءَ سان جنگ جاري رکڻ لاءِ چار لک نوان رزروَ فورس کپن، پر اھي ايندا ڪٿان؟؟ جيڪڏھن اسان ان مسئلي جو فوري طور تدارڪ نھ ڪيو تھ اسرائيلي فوج جنگ ڪرڻ بنان پنھنجو پاڻ ئي ڊھي پوندي.“
اسرائيلي شھرين جو جنگ جو شوق پورو ٿي چڪو آھي، ۽ ان سان گڏوگڏ ڪجھھ ڪٽر يھودي فرقن ، تان لازمي جنگي خدمت جو قانون لاڳو نٿو ٿئي، اھڙن قانونن کي تبديل ڪرڻ لاءِ اسرائيل جو وڏو سربراھھ زور ڏئي رھيو آھي. ياد رکڻ گھرجي تھ اسرائيل جي آبادي 9 ميلن آھي، (جنھن ۾ بھ ڪافي سارا مسلمان عرب آھن) ۽ ان جي جاگرافي اسان جي خيرپور ضلعي جي جاگرافي 22 ھزار چورس ميل جيتري ئي مس ٿيندي. ان جي ڀيٽ ۾ ايران جي آبادي نو سو ملين (نو ڪروڙ) آھي ۽ جاگرافي پاڪستان جي جاگرافيءَ کان اڍائي دفعا وڌيڪ آھي، تازو ايران آمريڪي زميني فوجون ايران ۾ موڪلڻ جي ڌمڪين کان پوءِ ون ملين (ڏھھ لک) فوج مقابلي ۾ کڙي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.
حذب اللھ کان پوءِ يمن جي حوتي باغين، اسرائيل خلاف ٽيون محاذ کولڻ جو اعلان ڪيو آھي، حوتين کان اڳ عراق جي Prpular Mobilization forces آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف ايران جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ جو نھ صرف اعلان ڪيوآھي، پر پھريون عرب ملڪ ۽ پھرين مزاحمت آھي، جنھن عراق ۾ آمريڪي فوجي بيسز کي خالي ڪرڻ ئي آمريڪا کي مجبور ڪري وڌو آھي. جنگ جئين ٿيندي ويندي اسرائيل خلاف گھرو وڌيڪ تنگ ٿيندو ويندو.
آمريڪا جو جنگي منظرنامو: مشھور آمريڪي سياسي اسڪالر پروفيسر پيٽرڪ Pattric 1990ع ۾ آمريڪا جي ھڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو ھو:”اسرائيل اسان جي وائيٽ ھائوس، ڪانگريس ۽ سينيٽ تي قابض(Invade) ٿي چڪو آھي.“ تازو ھڪ ڪانگريس مئن آمريڪي ڪانگريس جي فلور تي بيھي چيو:”ڏھاڪن کان اسرائيلي ڊيپ اسٽيٽ ان تاڙ ۾ ھئي تھ، ڪو آمريڪا جو اھڙو Stupid چوتيو صدر ٿئي، جنھن جي ذريعي اھي آمريڪا کي ايران خلاف جنگ ۾ جھونڪي سگھڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگھن...۽ بغير ڪنھن شڪ ۽ شبھي جي اھو Stupid آمريڪي صدر ٽرمپ کين ملي ويو آھي.“
آمريڪي انٽيليجنس ڪاميٽي جي سربراھھ Tulsi Gabbard ڪانگريس ۾ Testimony دوران ڪانگريس مين جي سخت ۽ ڪڙن سوالن جي جواب ۾ صاف صاف چئي ويٺي تھ:”انٽيليجنس ڪميونيٽي جي مجموعي راءِ موجب، ھن وقت آمريڪا کي ايران مان ڪو بھ Imminent خطرو موجود نھ آھي.“
تُلسي گيبرڊ کان جڏھن بار بار پڇيو ويو تھ:”توھان چئو ٿا تھ ايران مان آمريڪا کي ھن وقت ڪو بھ حقيقي خطرو ناھي ۽ ٻئي پاسي جون 2025ع جي اسرائيل ايران معرڪي دوران آمريڪي ايئرفورس ايراني نيوڪليئر سائيٽس تي ڀرپور حملا ڪيا ھيا ۽ صدر ٽرمپ انھن حملن کان پوءِ فتح جو اعلان ڪندي، اھو چئي جنگ ختم ڪئي ھئي تھ:”اسان ايراني نيوڪليئر پروگرام کي مليا ميٽ obliterate ڪري ڇڏيو آھي تھ ايران تي ٻيھر حملي ڪرڻ جو آخر ڪھڙو جواز آھي.“
ظاھر آھي تلسي گيبرڊ وٽ انھن سوالن جا ڪي بھ جواب نھ ھيا ۽ ھن آمريڪي صدر ٽرمپ تي آڱر کڻڻ جي ھمت ڪرڻ جي بجاءِ ھن تي ڪک رکندي رھي ۽ بار بار صرف اھو چوندي رھي:”انٽيليجنس ڪميونٽي پنھنجي ايمانداراڻي رپورٽ صدر کي پيش ڪندي رھندي آھي، ھاڻي اھو صدر جو ثوابديدي اختيار آھي تھ ھو ڪھڙو بھ فيصلو ڪري!!.“
آمريڪي انتظاميا ۾ سڀ ماڻھو (officials) جي حضورين بھ ناھن، ڪي اھڙا بھ آھن، جيڪي اقتدار، اختيار ۽ مستقبل کي داوَ تي لڳائي اندر جي ضمير جي آواز کي لبيڪ چوڻ جي ھمت ڪرڻ جو جوکم کڻڻ جھڙو عمل پڻ ڪري سگھن ٿا، انھن ۾ ھڪ ڪائونٽر ٽيررزم ۾ ڊيپارٽمينٽ جو چيئرمين Joy Kaint آھي، جنھن تازو پنھنجي انتھائي اھم عھدي تان استعيفيٰ ڏئي، ايران مٿان آمريڪي، اسرائيلي حملي جي اصل سبب تان نھ صرف پردو کڻي ڇڏيو، پر انھن الزامن جي جھڙوڪ تصديق ڪري ڇڏي تھ:”اھا آمريڪا جي نھ پر اسرائيل جي جنگ آھي ۽ نيتن ياھو، اسرائيلي ڊيٽ اسٽيٽ ۽ آمريڪا ۾ موجود انتھائي طاقتور Zionist lobby ( جيڪا ھر چونڊن ۾ لڳ ڀڳ 2 بلين ڊالر پنھنجي منظور نظر اميدوارن ۽ پارٽي کي فنڊ ڏيندي آھي) ٽرمپ کي Influence ڪري، آمريڪا کي جنگ ۾ ڦاسايو آھي.“
Joy Kaint پنھنجي استعيفيٰ ۾ صدر ٽرمپ تي سڌيءَ طرح الزام لڳائيندي لکيو آھي تھ:”ٽرمپ جي سربراھي واري اڄوڪي آمريڪي انتظاميھ ۽ خاص طور تي صدر ٽرمپ انٽيليجنس ادارن جي Input کي ڪنھن بھ خاطر ۾ نٿو آڻي ۽ ان Input تي حڪمت عملي جوڙڻ بجاءِ اڻڄايل سببن جي ڪري پنھنجي مرضي ھلائي ٿو....“
آمريڪي فوجي اسٽبليشمينٽ صدر ٽرمپ جي ايران جنگ جي حڪمت عمليءَ سان شروع کان مطمئن ناھي، انڪري ايران تي حملي ڪرڻ کان اڳ آمريڪي فوج جي سربراھھ جنرل ڪين جي صدر ٽرمپ جي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪيبينيٽ ميٽنگ ۾ ڏنل ان بريفنگ کي ليڪ ڪيو ويو ھو، جنھن ۾ آمريڪي فوجي سربراھھ ڪيبينيٽ کي ٻڌايو تھ:”ملٽري اسٽبليشمينٽ سمجھي ٿي تھ، صدر پاران ايران تي ڪيل حملي جا مقصد حاصل ٿي نھ سگھندا ۽ آمريڪا ڊگھي جنگ ۾ ڦاسي پوندو.“
انھن سڀني چتاون (warning) جي باوجود صدر ٽرمپ نيتن ياھو سان گڏجي ايران تي خطرناڪ حملن جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، جنھن ۾ ايران جو روحاني پيشوا آيت اللھ خامناءِ سميت 48 فوجي اڳواڻ پھرين حملي ۾ ماريا ويا. اھڙن خطرناڪ حملن جي باوجود آمريڪي اسرائيلي حڪمت عملي ۽ توقعات جي برعڪس ايران حڪومت توڙي عوام آمريڪا ۽ اسرائيل جي آڏو گوڏا ٽيڪڻ جي بجاءِ نھ جھڪندڙ پھاڙ بڻجي بيھي رھيا، لڳ ڀڳ سڄي سياسي ۽ فوجي قيادت جي مارجي وڃڻ جي باوجود ڪاپاري حملي جي ھڪ ڪلاڪ جي اندر ايراني فوج پنھنجو ڀرپور فوجي ردعمل ڏيڻ شروع ڪيو ۽ پھرين ئي وار ۾ گلف ۾ موجود لڳ ڀڳ سڀني آمريڪي فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪري، انھن کي ڀاري نقصان پھچايو. پھرين مارچ تي يعني جنگ جي ٻي ڏينھن تي قطر ۾ موجود آمريڪي سينٽر ڪمانڊ تي حملو ڪري، سينٽرل ڪمانڊ جون جھڙوڪ اکيون ڪڍي ڇڏيون، اتي موجود 1.2 بلين ڊالرن جو جديد ترين ريڊار سسٽم کي ناڪارھ بڻائي ڇڏيو، ٻئي ڏينھن جي حملن ۾ بحرين ۾ موجود آمريڪي ففٿ فليٽ جي 500 ملين ڊالر جي ريڊار سسٽم کي پڻ ناڪارھ بڻايو.
33 ڏينھن جي ھلندڙ جنگ ۾ متحدھ عرب امارات، بحرين، ڪويت، امان، سعودي عرب ۽ عراق ۾ موجود آمريڪي ھر فوجي اڏن ۽ اسرائيل کي ھر روز ڊرونز، ميزائيل سان نشانو بڻائي، ايران جنگ جي ميدان ۾ پھرين ڏينھن کان پنھنجي جنگي برتري ثابت ڪري ڏيکاري آھي، گلف جي فوجي اڏن ۾ آمريڪا پنھنجا فوجي غير محفوظ سمجھي، تمام سولين آباديءَ، رھائشي فليٽن وغيرھ ۾ پنھنجي فوجين کي منتقل ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو آھي، چيو وڃي پيو تھ آمريڪا جي پوري جنگي تاريخ ۾ ان جا ايڏا وڏا فوجي اثاثا برباد نھ ٿيا آھن، جيترا ايران ھڪ مھيني جي اندر ڪيا آھن، مثال طور: آمريڪا ايئر فورس جي Crown Jewel جو سمجھيو ويندڙ F-35 ففٿ جنريشن فائيٽر جيٽ کي ايران ڪيرائي نئين جنگي تاريخ رقم ڪئي آھي،آمريڪي سڄي ايئر فورس جون اکيون، دل ۽ دماغ سمجھيو ۽ چيو ويندڙ E-3 ايواڪس جنھن ۾ اربين ڊالر جو ريڊار سسٽم ھجي ٿو، جيڪو سڄي آمريڪي ايئر فورس کي مقرر ٽارگيٽس کي چٽڻ سان گڏ دشمن جي ميزائيل ۽ ڊرونز وغيرھ جي حملي کان بروقت خبردار ڪرڻ جي صلاحيت پڻ رکي ٿو. اھڙن ٻن E-3 ايولڪس کي سعودي سلطان پرنس ايئر بيس تي حملو ڪري تباھھ ڪيو ويو، ھن جنگ ۾ چيو پيو وڃي تھ آمريڪي ايف 15، ايف 16، ايم_ڪيو 9 ريپر ڊرونز ۽ 130_KC ھوا ۾ تيل ڀرڻ وارا ٽينڪر (Air F Air Refueling Tankers) سميت ڪل ملائي لڳ ڀڳ ٽيھھ وڏا فوجي اثاثا تباھھ ٿي چڪا آھن، جن ۾ خاص طور F-35 فائيٽر جيٽ ۽ E-3 ايواڪس آمريڪي جنگي تاريخ ۾ پھريون دفعو ڪنھن دشمن ملڪ جي فوج ھٿان تباھ ڪيا ويا آھن، ان حوالي سان بھ ڄڻ ايراني فوج ھڪ نئين جنگي تاريخ لکي رھي آھي.
ٻي پاسي ايراني سياسي استقامت ۽ فوجي صلاحيت ۽ سستن ميزائيلن ۽ ڊرونز جي اعليٰ استعمال ناقابل شڪست ۽ پوري دنيا لاءِ سامونڊي طاقت ۽ دھشت جي علامت بڻيل سامونڊي فوج (Nawal Armada) 1.2 بلين ڊالر جو ابراھيم لنڪن ۽ لڳ ڀڳ ايتري ئي ماليت جو جيرالڊ فورڊ ۽ سڄيا آمريڪي ٻيڙا ايراني ڊرونز ۽ ميزائيلن جي حملن جو شڪار بڻجي ويچارين بڪن (Sitting Ducks) وانگر بڻيل آھن، پھريائين ابراھيم لنڪن ۽ جيرالڊ فورڊ کي ايراني نارمل آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ايران کي چين پاران مھيا ڪيل اينٽي شپ ميزائيلن ڪم ڪري ٿي ڏيکاريو ۽ ٻئي ٻيڙا ايراني نار مان ڪڍي پھريائين ابراھيم لنڪن کي عدن جي پاڻيءَ ۾ واپس آندو ويو، پر اتي بھ جڏھن ان کي نشانو بڻايو ويو تھ ان کي 2 ھزار ڪلوميٽر پري عربي سمنڊ ۾ آندو ويو، بلڪل ائين جڏھن جيرالڊ فورڊ کي ميڊيٽيرن سمنڊ ۾ وينيزويلا مان تڪڙو گھرائي اسرائيل جي بچاءُ لاءِ آندو ويو، پر ان کي بھ چيو وڃي ٿو تھ ميڊيٽيرن سمنڊ (Mediterian Sea) ۾ نشانو بڻايو ويو تھ پوءِ ان کي مرمت لاءِ واپس آمريڪا گھرايو ويو آھي، آمريڪي خابرو ادارن موجب، جيرالڊ فورڊ جي ھڪ حصي ۾ ٽيھن ڪلاڪن تائين باھھ کي وسائڻ ۾ آمريڪي ناڪام رھيا. اھو سڄو جنگي منظرنامو آمريڪا جي پوري تاريخ ۾ انھن لاءِ ذلت آميز آھي، آمريڪا پنھنجي طاقت ۽ دھشت جا اھڃاڻ ابراھيم لنڪن۽ جيرالڊ فورڊ دشمن کي نيست ۽ نابود ڪرڻ جي بجاءِ آمريڪا انھن کي لڪائڻ ۽ بچائڻ ۾ پورو آھي. سو بھ ايران جھڙي ننڍڙي ملڪ جي ھٿان جنھن تي 47 سالن کان (Sanctions) لڳل آھن ۽ جنھن تي لڳ ڀڳ ٻن صدين کان يورپ، آمريڪا اسرائيل ۽ ٻين طاقتن پاران انتھائي وحشي انسان دشمن جنگ مڙھيل آھي.
آمريڪي ۽ اسرائيلي پنھنجي پر ۾ اھو منصوبو جوڙي آيا ھيا تھ 96 ڪلاڪن جي اندر ايران ۾ حڪومت تبديل ڪرائي، سي آءِ اي ۽ موساد جا ايجنٽ تھران جي تخت تي ويھاري ھرموز جي سامونڊي پٽي (Strait) تي قبضو ڄمائي، ايرانين ۽ عربن جي تيل ۽ گئس وغيرھ جي ذخيرن تي لٺ کڻي چين کي بليڪ ميل ڪري، سندس معاشي ناڪابندي ڪنداسين، پر ھن وقت تائين جو جنگي منظرنامو اُلٽي ڪھاڻي پيو بيان ڪري، جنگ کان اڳ۾ گھٽ ۾ گھٽ ھرموز وارو رستو کليل ھو، پر ايران ھرموز تي فوجي چوڪي قائم ڪري پنھنجي مرضيءَ جي جھازن کي في ٽينڪر ٻھ لک ڊالر ٽول ٽيڪس وٺڻ کانپوءِ گذر ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو ۽ جنگ کان اڳ ۾ عالمي منڊي ۾ في بيرل تيل جي قيمت 65 ڊالر ھئي، جيڪا ڪالھھ پھرين اپريل 116 ڊالر في بيرل تي وڃي پھتي آھي، خود آمريڪا ۾ گئس جو قيمتون ذري گھٽ ٻيڻيون ٿي ويون آھن.
ان حوالي سان آمريڪي حڪمت عملي ڪيتري ناقص ھاڃيڪار آھي، جو تيل ۽ گئس جي ريس کي يقيني بڻائڻ توڙي انھن جي قيمتن کي ڪنھن حد تائين برداشت جوڳو بڻائڻ لاءِ آمريڪا ايران ۽ چين جي تيل تي مڙھيل پابندي ھٽائي ڇڏي آھي، اھا ڪيتري تھ حيرتناڪ ڳالھھ آھي، جو ايران جنگ کان پھريائين 1.2 ملين بيرل ھر روز وڪرو ڪندو ھو، جڏھن تھ جنگ کانپوءِ 1.5 ملين بيرل ھر روز وڪرو ڪري رھيو آھي، نھ صرف ايترو پر جنگ کان اڳ جڏھن في بيرل 65 ڊالر ايران آمريڪي پابندين جي ڪري 17 ڊالرن جي ڇوٽ ڏيڻ تي مجبور ھوندو ھو ۽ ان حساب سان ايران کي في بيرل 48 ڊالر صرف ملندا ھيا ۽ اڄ ايران في بيرل گھڻا ڊالر وٺي ٿو؟؟!
اوھان کي حيرت ٿيندي تھ، آمريڪا پاران پابندين ھٽائڻ کان پوءِ ھاڻي ايران ڪابھ ڇوٽ نٿو ڏئي، صرف پراڻن گيراھڪن چين وغيرھ کي Courtesy طور ٻھ ڊالر ڇڏي ٿو ۽ 114 ڊالر في بيرل اڳاڙي ٿو.
ان حوالي سان ايران سان گڏ روس جي چاندي ٿي وئي آھي، روس، ڀارت کي 15 ڊالر في بيرل جي ڇوٽ ڏيندو ھو، يعني 65 ڊالرن جا 50 ڊالر وٺندو ھو، ھاڻي روس، ڀارت کان 116 ڊالر في بيرل سان گڏ تيل جي رسد جي ڪميءَ ڪرائڻ سبب 65 ڊالر پلس وٺي ٿو.
ھرموز جي سامونڊي پٽيءَ مان صرف تيل ۽ گئس ئي دنيا کي نٿا وڃن، پر ان سان گڏ فرٽيلائيز ۽ پلاسٽڪ سميت کاڌ خوراڪ جون ڪيتريون ئي ٻيون انتھائي اھم شيون گذر ڪن ٿيون، تيل دنيا جو 20 سيڪڙو، گئس 20 سيڪڙو، جڏھن تھ فرٽيلائيز 30 کان 35 سيڪڙو ان رستي سان دنيا کي پھچي ٿو، اتر جي سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ پوکائي جي مند آھي، جيڪڏھن وقت تي فرٽيلائيز دنيا کي مھيا ٿي نھ سگھيو تھ پوري دنيا ۾ کاڌ خوراڪ جي ڪمي (Food Crises) جو قوي امڪان ٿي پوندو. ان حوالي سان اڪثر ماھر ان صورتحال کي ڪووڊ 19 کان بھ وڌيڪ بحران قرار ڏين ٿا ۽ ان لاءِ دنيا کي ٽرمپ جو شڪرگذار ٿيڻ گھرجي!
آمريڪا جي گھڻي خواھش آھي تھ، ان جنگ ۾ ھو يورپ ۾ نيٽو سميت ٻين ملڪن کي بھ ڪنھن طريقي سان شامل ڪري وجھي، پر خوش قسمتيءَ سان شايد پھريون ڀيرو يورپ وارن سمجھي ورتو آھي تھ آمريڪا نيٽو کي پنھنجي فوجي ضرورتن لاءِ استعمال ڪندو رھيو آھي، انڪري برطانيھ، فرانس، اسپين، جرمني سميت اڪثر ملڪ ان جنگ کي آمريڪا جي جنگ (War of Choice) قرار ڏئي شامل ٿيڻ کان نابري واري آھي، اسپين ۽ فرانس نھ پنھنجي ملڪ جي سرحدن ۽ بيسز کي پڻ ان جنگ لاءِ استعمال ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏيو آھي.
آمريڪا لاءِ جنگي ميدان جي ٻي ڀوائتي حقيقت اھا آھي تھ ايران اسرائيل ۽ آمريڪا جي ايئرڊفينس سسٽم ۽ خاص طور تي ريڊار سسٽم تي بار بار حملا ڪري انھن جي دفاعي نظام کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل جو ذخيرو (Stock piles) ڪافي حد تائين گھٽجي ويو آھي، آمريڪا مجبور ٿي پھريائين يوڪرين مان پيٽرياٽ ميزائيل ۽ بيٽريون وچ اوڀر ۾ منتقل ڪرڻ شروع ڪيون پوءِ ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان مان انھن جي ضرورت ۽ دفاع لاءِ ڏنل آمريڪي ميزائيل ۽ بئرٽريز گھرايا، ڪالھھ جي وڏي ۽ ڇرڪائيندڙ خبر اھا آھي تھ، اوڀر يورپ جي ملڪ پولينڊ جي وزيراعظم آمريڪي اختيارين کي پريس اچي جواب ڏنو آھي تھ پولينڊ پنھنجي دفاع لاءِ آمريڪا کان خريد ڪيل ٻھ پيٽرياٽ بئٽرير ۽ پيٽرياٽ ميزائيل آمريڪا کي وچ اوڀر ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ نھ ڏيندو، ڇاڪاڻ تھ پولينڊ جي پنھنجي دفاع لاءِ اھي اثاثا انتھائي اھم آھن. اھڙيون اوچتو اڀ ڏاريندڙ خبرون ان حقيقت کي مڃڻ لاءِ ڪافي وزن رکن ٿيون تھ آمريڪا ۽ اسرائيل وٽ ايران جي ڊرونز ۽ ميزائيلن کي روڪڻ لاءِ گھربل پيٽرياٽ ميزائيلن جو ذخيرو خطري جي حد تائين گھٽجي رھيو آھي. ٻي پاسي صدر ٽرمپ ۽ نيتن ياھو جي سڀني دعوائن جي ابتڙ ايراني ميزائيل ۽ ڊرونز جو اسرائيل ۽ گلف ملڪن ۾ آمريڪي فوجي ٺڪاڻن تي وسڪارو جاري آھي، توڙي جو 28 فيبروري جنگ جي پھرين ڏينھن ايران 490 ميزائيل ۽ ڊرونز، اسرائيل ۽ آمريڪي بيسز تي ھنيا ۽ اڄ ھر روز سراسري طور ايران 30 کان 60 پنھنجي چونڊ نشانن کي چٽي رھيو آھي، چيو وڃي ٿو تھ ايران گھٽ ۾ گھٽ ڇھن مھينن کان ھڪ سال تائين جنگ وڙھڻ جي منصوبا بندي ڪئي آھي، انڪري ھن ڄاڻي واڻي ميزائيل ۽ ڊرونز تعداد ۾ گھڻائي فائر ڪرڻ شروع ڪيا آھن، جڏھن تھ اسرائيل ۽ آمريڪي بيسز ايراني ڊرونز ۽ ميزائيل کي روڪڻ لاءِ ھائي راشننگ ڪرڻ تي مجبور آھن.
ڀارتي عسڪري ماھر جنرل Gani G.D Banshi جنرل جي ڊي بخشي جنگ جي پھرين ڏينھن کان وٺي اھو چوندو پيو اچي تھ:”ان جنگ جي پڄاڻي ۽ فيصلو ان تي ٿئڻو آھي تھ پھريائين ايران جا ڊرونز ۽ ميزائيلن جو ذخيرو ختم ٿئي ٿو يا اسرائيل ۽ آمريڪا جي دفاعي ميزائيلن (Interceptors) جو ذخيرو ختم ٿئي ٿو.“ جنرل جي ڊي بخشي وانگر اڪثر غير جانبدار عسڪري ماھرن جو چوڻ آھي تھ ايران گذريل 47 سالن کان ويھي ان غير روايتي گوريلا جنگ (Asymmetric war forces) جي تياري ڪئي آھي ۽ ان جبلن جي اندر ڊرونز ۽ ميزائيل ٺاھڻ جا ڪارخانا ٺاھيا آھن، انڪري ايران جي باري ۾ ٻين آمريڪي ۽ اسرائيلي غلط تجزين ۽ انومانن وانگر اھو بھ تجزيو غلط آھي تھ انھن ايران جا ڊرونز ۽ ميزائيل لانچر ۽ ڪارخانا حملا ڪري ختم ڪري ڇڏيا آھن.
آمريڪي عوام ان جنگ جا سخت مخالف آھن، صرف 12 سيڪڙو آمريڪي ٽرمپ جي war of choices جا حامي آھن، گذريل ڏينھن آمريڪي جي ھر ننڍي وڏي شھر ۾ No killings No war جي نعري ھيٺ لکين آمريڪي ڀرپور احتجاج ڪيو. چيو پيو وڃي تھ آمريڪا جي پوري تاريخ ۾ ھڪ ئي ڏينھن ايترا آمريڪي روڊن تي نڪري پنھنجي حڪومت جي غلط پاليسين خلاف ايڏو ڀرپور احتجاج ناھي ڪيو. جنگ منظرنامو بلڪل واضح آھي، صدر ٽرمپ کي نيتن ياھو ۽ Zionist Lobby Epstein Files ۾ بليڪ ميل ڪري يا سندس نياڻي جيرالڊ ڪشنر ۽ سندس نياڻي جي Zionism سان گھري وابسطگي سڀ اسرائيلي جنگ ۾ ڦاسائي وڌو آھي، جتان ھو نڪرڻ تھ چاھي ٿو، پر ھن کي اتان نڪرڻ جو ھاڻي ڪو بھ دڳ نٿو سجھي. نرگسيت(Narasm) ۽ ٻين نفسياتي ۽ ذھني بيمارين جو سبب ھو بغير فتح حاصل ڪرڻ جي جنگ ختم ڪرڻ جو اعلان نٿو ڪري سگھي، ٻي پاسي ھن جنگ جو اصل ڊرائيور صدر ٽرمپ نھ آھي، ھن جنگ جو ريمورٽ ڪنٽرول ٽرمپ بجاءِ نيتن ياھو وٽ آھي ۽ نيتن ياھو ھن جنگ کي توڙ ڪرڻ کان اڳ ڪنھن بھ طور تي ختم ٿيڻ نھ ڏيندو، ھونءَ بھ ايران ۽ اسرائيل ھاڻي ھڪٻئي جي وجود جو خطرو (Existential threat) آھن، جيڪڏھن ايران ھن جنگ مان ڪنھن بھ طور تي ۽ ڪيترو بھ جيڪڏھن بچي ويو تھ پوءِ اسرائيل جو خاتمو يا گھٽ ۾ گھٽ ھن جي وچ اوڀر ۾ بدمعاشي بند ٿي ويندي ۽ جيڪڏھن ايران نيتن ياھو جي گريٽر اسرائيل جي ايجنڊا موجب، ٻيو شام بڻجي ٽڪرن ۾ ورھائجي ويو تھ اسرائيل کي گريٽر اسرائيل بڻجڻ کان روڪڻ وارو ڪوبھ نھ ٿو ٿي سگھي، ملڪ exclusion Trappe ۾ ڦاٿل آھن.
صدر ٽرمپ ۽ Exclusion Trappe :
آمريڪي ايئر فورس جي ھڪ اڳوڻي چيف ۽ مشھور عسڪري ماھر Robert pepe،War Exclusion Trappe جي ٿيوري ڏيندي ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ آمريڪا جو جنگ ۾ ڦاسي پوڻ کي صدر ٽرمپ لاءِ Exclusion Trappe ڪوٺي ٿو. ھو پنھنجي ٿيوري جي وضاحت ڪندي چوي ٿو تھ:”جڏھن ڪا وڏي فوجي طاقت پاڻ کان گھڻو گھٽ فوجي طاقت رکندڙ ملڪ جي فوجي سگھھ، جاگرافي ۽ ٻين لازمي عنصرن جي پوري ريت ڳڻ ڳوت ڪرڻ کان سواءِ بغير ڪنھن واضح جنگي مقصدن ۽ جنگ جي خاتمي (Exit Strategy) جي حملو ڪري ٿو تھ لازمي طور تي گھربل فوجي مقصد حاصل ڪري نٿو سگھي، ٻي پاسي ھن جي ملڪ ۽ ان جي فوجي طاقت جو وقار (Prestige) داءَ تي لڳل ھجي ٿو، ان ڪري اھو ملڪ جنگ کي ختم ڪرڻ جي بجاءِ جنگ کي وڌائڻ جي حڪمت عملي اپنائي ٿو ۽ نتيجي ۾ اھا جنگ اڻ کٽ جنگ war for Ever بڻجيو وڃي ٿي. رابرٽ پيپي ويٽنام جنگ، افغانستان جنگ، عراق جنگ وغيرھ ان Exclusion Trappe جو نتيجو ھيون ۽ سندس چوڻ مطابق ايران جي طاقت ۽ مزاحمت جو غلط اندازو لڳائڻ Underestimate جي ڪري صدر ٽرمپ ھاڻي ڦاسي پيو آھي، طاقت جي غرور ۽ تڪبر ۽ اسرائيلي ھٿڪنڊن سبب ھن ايران تي 96 ڪلاڪن وارو Operation Epic Furry شروع تھ ڪري ويٺو پر ھاڻي وٽس واپسي جو ڪو رستو ڪونھي، ھن وقت تائين ايران کي جنگ ۾ مڪمل سرسي آھي، جڏھن تھ آمريڪا ۽ اسرائيل جا جنگي مقصد نھ صرف پورا نھ ٿيا آھن، پر ان سان گڏ ايران ھرموز جي سامونڊي پٽيءَ کي اسرائيل، آمريڪا يورپ ۽ انھن جي اتحادين لاءِ بند ڪري ڇڏيو آھي، تيل، گئس، فرٽيلائيزر وغيرھ جي رسد ۽ قيمتون خطري جي حد تائين پھچي ويون آھن، تل ابيب، حائقا ۽ ٻيا اسرائيلي شھر بھ ائين ئي کنڊر بڻبا پيا وڃن، جئين ايران شھر، گلف جي آمريڪي فوجي اڏن ۾ آمريڪي فوجي غير محفوظ بڻجي ويا آھن، گلف جا آمريڪي اتحادي عرب ملڪن جي سيڪيورٽي کلڻ خواب بڻيل آھي، قطر جي ھڪ اڳوڻي وزيراعظم تھ الجزيرھ ٽي وي کي انٽرويو ۾ آمريڪا تي ٺٺول ڪندي چيو:”آمريڪا گلف ۾ پنھنجي فوجي اڏن جو دفاع نٿو ڪري سگھي تھ اسان جو ڇا ڪندو؟؟ ان لاءِ پنھنجي سيڪيورٽي لاءِ اسان کي ايران سان سڌو ڳالھائڻو پوندو....“
صدر ٽرمپ جي بيوقوفيءَ تي ٻڌل سياسي پاليسين ۽ فوجي حڪمت عملين جو کليو نتيجو آھي جو سڄو وچ اوڀر بارود ۽ آڳ ۾ جلي رھيو آھي ۽ آمريڪا جو مسخرو صدر ھر روز دنيا جي ميڊيا آڏو اچي سڄي دنيا کي جنگي لطيفن سان گڏ ملڪن جي سربراھن جا پٽڪا ڌوڙ ڪندي ۽ ھن جي انھن ذلت آميز تبصرن تي ٽھڪ ڏيندڙ سندس ڪيبينيٽ جي مسخرن وزيرن ۽ دل گھرين صحافين جي گڏيل ٽھڪن جا خوب مزو وٺي ٿو، ڪجھھ ڏينھن اڳ آمريڪي صدر سعودي شھزادي ايم بي ايس مخاطب ٿيندي چيو:”ايم بي ايس اھڙو ڦاٿو آھي، جو ھو منھنجي ......چمڻ چاھي ٿو.“ انگريزي ۾ ھن چيو: He wants to kiss my ass آئو ن آمريڪا جھڙي عظيم مھذب ۽ ترقي يافتھ قوم جي صدر جي جملي جو سنڌي ترجمو ڪندي شرم محسوس ڪريان ٿو!
سڄو وچ اوڀر بارود ۽ باھھ ۾ سڙي رھيو آھي ۽ سڄي دنيا جي معشيت تيزيءَ سان Recession ڏانھن وڌي رھي آھي، سڄي دنيا جا سياسي ۽ عسڪري ماھر عالمي جنگ جو طبل وڄندي محسوس ڪري رھيا آھن، پر انھن سڀني واقعن جو محرڪ ڪردار عظيم آمريڪا جو عظيم صدر ٽرمپ ماڻھن کي لطيفا ٻڌائي خوش پيو ٿئي، اھو سڄو منظر ڏسي مشھور آمريڪي سفارتڪار، 1970ع ۾ صدر نڪسن ۽ چئيرمين مائوزي تنگ جي بيجنگ ۾ ٿيندڙ تاريخي ملاقات جو Interpreter ۽ 1989ع کان 1992ع تائين سعودي عرب ۾ رھندڙ آمريڪي سفير المبيسڊر چيس فري مئن (Chas Freeman) جائز طور تي کيس آمريڪا جو ”نيرو“ ڪوٺي ٿو.
Exclusion Trappe ۾ ڦاسڻ کان پوءِ آمريڪي صدر ايران ۾ زميني فوجون Second Trappe لاھڻ جي حڪمت عملي اپنائي اھي، توڙي جو سڄي دنيا صدر ٽرمپ جي بيانن ۽ اعلانن کي بلڪل ئي سنجيدھ نٿي وٺي، پر صدر ٽرمپ جي پٺيان طاقتور ڌريون (Lobbies) ڪنھن بھ طور تي ايران جا ٽڪرا ڪرڻ چاھين ٿيون ۽ انھن جي خيال موجب ان مقصد لاءِ آمريڪي زميني فوجون ايران ۾ لاھڻ لازم آھن. ان موقف ۾ وڌيڪ وزن انڪري بھ لڳي ٿو، جو صدر ٽرمپ جي ڪالھوڪي تقرير ۾ ھن ٻھ ٽي ھفتا وڌيڪ جنگ جاري رکڻ جو چتاءُ ڏنو آھي، توڙي جو ھن پاڪستان، ترڪي ۽ مصر کي وچ ۾ آڻي ڀرپور تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تھ ايراني ھن جنگ کي بند ڪرڻ لاءِ منٿون پيا ڪن ۽ ان لاءِ ايران سان ڳجھيون ڳالھيون ھلن پيون، پر اڪثر عسڪري تجزيھ نگارن جو چوڻ آھي تھ ڳالھين جو ڍونگ ايران کي ڌوڪي ڏيڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي ۽ اڳين ٻن ڌوڪيبازين وانگر جنھن ۾ ايران کي ڳالھين ۾ مصروف رکي سندن لڳ ڀڳ سڄي سياسي ۽ فوجي قيادت کي قتل ڪيو ويو ھو. بلڪل ساڳي نموني ايران اندر اوچتو راتو رات ھزارين آمريڪي فوجي لاٿا ويندا. عسڪري ماھرن مطابق تھ ان ڍونگ ڪرڻ جو سڀ کان ٻيو وڏو سبب اھو آھي تھ آمريڪا کي گھربل زميني فوجون ايران جي سرحدن تائين پھچائڻ ۾ لڳ ڀڳ ٻھ ھفتا لڳي ويندا ۽ ان وقت تائين ٽرمپ کي ڳالھين ڪرڻ جو ڊرامو ڪرڻو آھي. ھونءَ بھ پاڪستان، ترڪي، مصر وغيرھ کي آمريڪا ڏنل 15 نقطن وارو ۽ ايران پاران ٽن نقطن وارو مسودو مان ٻنھي ڌرين طرفان ڪنھن ھڪ لفظ تي اتفاق مشڪل تھ ڇا پر ناممڪن لڳي ٿو.
اڪثر غيرجانبدار ۽ حقيقت پسند عسڪري ماھرن جو چوڻ آھي تھ صدر ٽرمپ کي ھلائيندڙ طاقتور قوتون کانئس ايران ۾ زميني فوجون لاھڻ جو پڪو پھھ ڪيو ويٺيون آھن ۽ صدر ٽرمپ انھن قوتن جي ھٿ ۾ ڪنھن پتليءَ کان وڌيڪ ڪجھھ بھ ناھي!!
پر ون ملين ڊالر جو سوال اھو آھي تھ ڇا 25000 کان 50000 آمريڪي زميني فوجون ايران جيڏي ملڪ تي قابض ٿي سگھنديون؟؟!
ان سوال جو جواب اڪثر عسڪري ماھر انڪار ۾ ڏين ٿا، انھن جي چوڻ مطابق عراق ۽ افغانستان ۾ (ڏيڊ لک عراق ۾ ۽ 3 لک افغانستان ۾) لکين فوجي مڪلڻ جي باوجود عراق ۾ ھڪ ٽرلين ڊالر جڏھن تھ افغانستان ۾ 3 ٽرلين ڊالر ضايع ڪرڻ ۽ عراق ۾ آمريڪا کي عزت وڃائي ۽ سر بچائي ڀڄڻو پيو، جڏھن تھ ايران، عراق ۽ افغانستان جي ڀيٽ تمام گھڻو ڏکيو ملڪ ۽ قابل فخر تھذيب آھي، جڏھن تھ آمريڪي صدر ٽرمپ وٽ گھڻو وقت بھ نھ آھي. نومبر 2026ع ۾ آمريڪا ۾ مڊٽرم چونڊون آھن ۽ جنھن نموني آمريڪي فوجين جي جھجي تعداد ۾ مرڻ جا امڪان گھڻا آھن، انڪري جنگ ۾ شڪست کائڻ جو صدر ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو تصور بھ نھ ٿا ڪري سگھن ۽ خاص طور تي نيتن ياھو ۽ Zionist Lobby ڪنھن بھ طور تي ايران کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرن جو حتمي فيصلو ڪيو ويٺا آھن، انڪري ئي اڪثر عسڪري ماھرن کي ڊپ آھي تھ روايتي جنگ (Convectional war) جي ذريعي جيڪڏھن نيتن ياھو اينڊ ڪو پنھنجو مقصد (ايران کي ٽڪر ڪرڻ يا ايران کان ھٿيار ڦٽا ڪرائي پنھنجي ڪٺ پتلي حڪومت قائم ڪرڻ)حاصل نھ ڪري سگھيا تھ اھي ايران تي ايٽمي حملو بھ ڪري وٺندا. توڙي جو ھي ڳالھھ بنھھ ئي ٻاراڻي ٿي لڳي پر ٽرمپ ۽ نيتن ياھو ۽ انھن جي پٺيان بيٺل دنيا جون طاقتور ترين ۽ ظالم ترين قوتن کي ڄاڻڻ سڃاڻڻ وارا اھو ٻڌائيندي بلڪل ئي نھ ٿا ھٻڪن تھ ايران کي ٽوڙڻ لاءِ اھي سو ملين ايرانين (ڏھھ ڪروڙ) کي قتل ڪرڻ ۾ ڪوبھ عار محسوس نھ ڪندا ۽ انھيءَ ڳالھھ ۾ يقين رکڻ وارا ۽ سرعام سوشل ميڊيا تي دانھون ڪوڪون ڪري سڄي دنيا کي خبردار ڪرڻ وارا ڪي عام ماڻھو ناھن، پر دنيا جا سڀ کان وڌيڪ ڏاھا ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل جي حڪمران طبقن Epstein Class کي انتھائي ويجھڙائي کان ڏسندڙ ۽ پرکندڙ سياسي، معاشي ۽ عسڪري ماھر آھن، انھن جي پوري تاريخ تي ڪمانڊ آھي، آئون ڪجھھ آمريڪي اسڪالرن ۽ ڏاھن ماھرن جا نالا مثال طور ھيٺ بيان ڪريان ٿو. پڙھندڙ يوٽيوب تي وڃي انھن جي تجزين کي غور سان ٻڌي سگھن ٿا.
مثال طور: آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ معاشيات پڙھائيندڙ جيفري سڪس، جان ميرشائيمر، رابرٽ پيپي، لاري جانسن، ڪرنل لارينس، ولڪرسن اسڪاٽ وغيرھ.
تازو گڏيل قومن جي ھڪ انتھائي اھم عملدار پنھنجي عھدي تان استعيفيٰ ڏيندي لکيو آھي تھ: ”اسان جي اکين جي سامھون اسرائيل ايران تي ايٽمي حملي ڪرڻ جي مڪمل تياري ڪيو ويٺو آھي ۽ گڏيل قومن جا اعليٰ ذميوار چپ جو چونو لڳايو ويٺا آھن، سمجھان ٿو...“
نھ صرف ايترو پر روس جي اڳوڻي صدر، روسي نيشنل سيڪيورٽي جي ھاڻوڪي چئيرمين ۽ روسي صدر پيوٽن جي ويجھي دوست ميميدوف ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪندي چيو آھي تھ:”ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل پاران تازي مڙھيل جنگ جو آخري نتيجو اھو نڪرندو تھ اسرائيل ۽ ايران ھڪٻئي تي ائٽمي حملا Exchange of Nuclear Bombs ھڻندا.“
روسي صدر پيوٽن جي سڀ کان ويجھي ساٿي اھو ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪري پوري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آھي. دنيا جي ھر ذي شعور ماڻھو کي اھا تھ خبر آھي تھ اسرائيل وٽ گھٽ ۾ گھٽ 300 ايٽمي بم آھن، پر ڇا ايران وٽ بھ ايٽمبي بم آھن؟؟
جيفري سيڪس، جان ميرشائير، اسڪاٽ رٽر، ليري جانسن سميت اڪثر وڏن ڏاھن آمريڪي اسڪالرن ڪيترن ھفتن کان خاص طور تي آيت اللھ خامناءِ جي قتل ٿيڻ کان پوءِ اھو بار بار چيو آھي تھ ايراني ايٽم بم جي راھھ ۾ اڪيلي رڪاوٽ خامناءِ ھو، ھن پنھنجي مذھبي فتويٰ ۾ نھ صرف بم کي غير اسلامي قرار ڏنو ھو، پر ھر قسم جي بايو لاجيڪل ۽ ڪيميڪل گھڻن ماڻھن کي مارڻ جي صلاحيت رکندڙ Mass killing ھٿيارن کي ناجائز قرار ڏنو ھو، پر خامناءِ جھڙي فقير انسان کي قتل ڪري اسرائيل ايران اندر ايٽم بم جي خلاف آخري شخصيت کي قتل ڪري ڇڏيو. انڪري انھن ڏاھن ماڻھن جي راءِ آھي تھ ايران ھاڻي ڳجھھ ڳوھھ ۾ ايٽم بم ٺاھي وٺندو. ڇاڪاڻ تھ جون 2025ع واري آمريڪي اسرائيلي حملي کان پوءِ خامناءِ پنھنجي فتويٰ ۾ ايتري ترميم تھ پاڻ بھ ڪري ويو تھ جيڪڏھن ايران جو وجود خطري ۾ پئجي وڃي تھ ايران حڪومت ان صورت ۾ ايٽم بم ٺاھي سگھي ٿي. ڪرنل لارينس ولڪرسن تھ ان خيال جو آھي تھ ايران ايٽم بم ٺاھي چڪو آھي، ڇاڪاڻ تھ ايران وٽ 460 ڪلوگرام افزر Enriched يورينيم موجود آھي، جيڪو سٺ سيڪڙو Enriched آھي، جڏھن تھ ايٽم بم لاءِ نوي سيڪڙو افزودھ Enriched يورينيم رکي ٿو، جيڪو تمام جلد ۽ آسانيءَ سان ايرن ڪري سگھي ٿو ڪرنل ولڪرسن جي چوڻ مطابق ايران گھٽ ۾ گھٽ ٻارنھن بم ٺاھي سگھي ٿو، ۽ اھي ٻارنھن بم اسرائيل جي تباھيءَ لاءِ ڪافي آھن، جڏھن تھ ايران جھڙي وڏي ملڪ کي تباھھ ڪرڻ لاءِ اسرائيل کي ھڪ ئي وقت درجنين ايٽم بم ايران تي وسائڻا پوندا.
حل ڇا آھي؟؟!!
عظيم آمريڪي ڏاھو جيفري سيڪس ڏاڍي دردمندانھ اندز ۾ سڄي دنيا کي تباھيءَ کان بچائڻ جو صرف ھڪ گس ٻڌائي ٿو، ھو چوي ٿو تھ: صرف ھڪ رستو آھي تھ روس، چين ۽ ڀارت گڏجي صدر ٽرمپ کي Shut up ڪال ڏين ۽ کيس گڏيل طور تي اکيون ڏيکارين تھ:Mr. Enough is enough ھن جي چوڻ مطابق تھ، جيڪڏھن پيوٽن، شي جن پنگ، سعودي ڪمزوري ڏيکاري تھ ٽرمپ ۽ نيتن ياھو ۽ انھن سان جڙيل پاڳل ٽولو ڏند ٽيڙي ٽيڙي پوري دنيا کي ايٽمي جنگ ۾ ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيندا.“
اميد ڪجي ٿي تھ دنيا جي اڳواڻي ڪندڙ انھن مڙني اڳواڻن کي ڌڻي پاڪ ڪا ساڃھھ، فھم عطا ڪري، جو ڌرتي ماتا آڳ جي گولي ۾ تبديل ٿيڻ کان بچي پوي!!