موسم لوڊ ٿي رهيو آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
Skip to Content
تازيون خبرون
قومي خبرون

پريشن غضب للحق تحت پاڪ فوج افغان سرزمين تي موجود دهشتگرد عنصرن خلاف اثرائتي فضائي ڪارروائي ڪندي قنڌار ۾ افغان طالبان جي ٽيڪنيڪل سپورٽ انفرا اسٽرڪچر کي تباهه ڪري ڇڏيو
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آپريشن غضب للحق تحت پاڪ فوج افغان سرزمين تي موجود دهشتگرد عنصرن خلاف اثرائتي فضائي ڪارروائي ڪندي قنڌار ۾ افغان طالبان جي ٽيڪنيڪل سپورٽ انفرا اسٽرڪچر کي تباهه ڪري ڇڏيو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج 14 ۽ 15 مارچ جي وچين رات ڪارروائي ڪندي افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج سان سلهاڙيل دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ ڪجهه فوجي نوعيت جي اثاثن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو.
ذريعن موجب ان فضائي حملي ۾ قنڌار ۾ قائم ٽيڪنيڪل سپورٽ انفرا اسٽرڪچر ۽ ايڪوپمينٽ اسٽوريج کي اثرائتي انداز ۾ تباهه ڪيو ويو، اهي سهولتون مبينا طور افغان طالبان ۽ دهشتگرد گروهن طرفان مواصلاتي ۽ ٽيڪنيڪي مدد لاءِ استعمال ڪيون پيون وڃن.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته اهي انفرا اسٽرڪچر دهشتگردن جي ڪارروائين کي سهولت فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو هو، جنهن کي نشانو بڻائي ان نيٽ کي سخت نقصان پهچايو ويو آهي.
اختيارين موجب ان ڪارروائي جو مقصد سرحد پار دهشتگردي جي ڍانچي کي ڪمزور ڪرڻ ۽ پاڪستان جي اندر حملن جي رٿابندي ڪندڙ عنصرن کي روڪڻ آهي.
ذريعن موجب آپريشن غضب للحق تحت دهشتگردن خلاف ڪارروائيون ان وقت تائين جاري رهنديون، جيستائين مقرر هدف مڪمل طور حاصل نٿا ٿي وڃن.

سيڪيورٽي اختيارين واضح ڪيو آهي ته پاڪستان پنهنجي سلامتي ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکندو.

پاڪستان ريلويز عيدالفطر جي موقعي تي 4 اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلويز عيدالفطر جي موقعي تي 4 اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ريلويز ترجمان موجب پهرين عيد اسپيشل ٽرين 16 مارچ تي لاهور کان ڪراچي لاءِ رواني ٿيندي، جڏهن ته ٻي ٽرين 17 مارچ تي ڪوئيٽا کان راولپنڊي لاءِ رواني ٿيندي.

ترجمان چيو ته ٽين عيد اسپيشل ٽرين 17 مارچ تي ڪراچي کان پشاور ۽ چوٿين ٽرين 18 مارچ تي ڪراچي کان لاهور لاءِ رواني ٿيندي.

14 اپريل کان پوءِ ايل اين جي دستياب نه هوندي: سيڪريٽري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پيٽروليم سيڪريٽري چيو آهي ته 14 اپريل کان پوءِ ملڪ ۾ ايل اين جي دستياب نه هوندي، جنهن جي ڪري اپريل ۾ پاور سيڪٽر جي گئس جي ضرورت پوري نه ٿي سگهندي.سينيٽ جي پيٽروليم بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر منظور احمد جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۽ دستيابي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي پيٽروليم سيڪريٽري چيو ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب پيٽروليم شين جي فراهمي متاثر ٿي آهي، پاڪستان پنهنجي پيٽروليم شين جو لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو وچ اوڀر مان حاصل ڪندو آهي، جڏهن ته عام حالتن ۾ عرب ملڪن مان تيل 4 کان 5 ڏينهن ۾ پاڪستان پهچي ويندو آهي، پر هن وقت جهازن جي حرڪت متاثر ٿيندي آهي. پيٽروليم سيڪريٽري موجب، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 88 ڊالر في بيرل کان وڌي 187 ڊالر ٿي وئي آهي، ۽ پيٽرول جي قيمت 74 ڊالر في بيرل کان وڌي 130 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي. اجلاس دوران سينيٽر منظور احمد چيو ته قيمتن ۾ واڌ جو فائدو آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي ڏنو ويو، جڏهن ته پيٽروليم سيڪريٽري چيو ته قيمتن ۾ واڌ پيٽروليم جي ذخيري کي روڪڻ لاءِ اختيار ڪئي وئي ۽ ان قدم سان ڪمپنين کي ڪو به فائدو نه ٿيو. قيمتن ۾ واڌ سان درآمد جاري رکڻ ۽ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملي. اجلاس دوران سينيٽر هدايت الله سوال ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته 7 مارچ کان اڳ پيٽروليم شين جي قيمت ڇا هئي ۽ ان ۾ ڪيترو اضافو ٿيو، جنهن تي اوگرا اختيارين چيو ته ڊيزل جي قيمت ۾ تقريبن 100 سيڪڙو ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 70 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.پيٽروليم سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته هن وقت ملڪ ۾ 11 ڏينهن خام تيل، 21 ڏينهن ڊيزل، 27 ڏينهن پيٽرول، 9 ڏينهن ايل پي جي ۽ 14 ڏينهن جي پي-1 جا ذخيرا موجود آهن. پيٽروليم سيڪريٽري چيو ته حڪومت موٽرسائيڪل ۽ رڪشا استعمال ڪندڙن لاءِ امدادي پيڪيج تي به ڪم ڪري رهي آهي.آفيسرن اجلاس کي ٻڌايو ته 14 اپريل کان پوءِ ملڪ ۾ ايل اين جي دستياب نه هوندي، جنهن جي ڪري اپريل ۾ پاور سيڪٽر جي گئس جي ضرورت پوري نه ٿي سگهندي ۽ پاور سيڪٽر جي ضرورتن کي ٻين ذريعن کان پورو ڪيو ويندو. ايل اين جي آذربائيجاني ڪمپني کان خريد ڪري سگهجي ٿي، پر اسپاٽ خريداري 24 ڊالر تائين هوندي، جڏهن ته قطر کان گئس 9 ڊالر ۾ دستياب هوندي.

طالبان جو ترجمان ڪاررواين کي لڪائڻ جي ڪوشش پيو ڪري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات واري وزارت جو چوڻ آهي ته افغان طالبان حڪومت جي نائب ترجمان جو بيان ان جي خوفناڪ ڪاررواين کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي.

اطلاعات واري وزارت موجب، افغان طالبان حڪومت جان بوجھ ڪري باجوڙ ضلعي ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو. حملي ۾ چار بيگناهه شهري مارجي ويا ۽ هڪ 5 سالن جو ٻار سخت زخمي ٿيو.

اطلاعات واري وزارت جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ هٿياربند فوج جون ڪارروايون دهشتگردن جي ٺڪاڻن تائين محدود آهن.پاڪستان افغان طالبان حڪومت جي مصنوعي ذهانت سان تيار ڪيل تصويرن ۽ وڊيوز تي ڀروسو نٿو ڪري. طالبان حڪومت جي سرڪاري چينلن جا ڪوڙ انهن کي اندروني ۽ بين الاقوامي سطح تي بي نقاب ڪري رهيا آهن.

ياد رهي ته باجوڙ ۾ سرحد پار کان افغان طالبان جي پاڪستان تي حملي ۾ 4 شهري شهيد ٿي ويا هئا.

ڊي آءِ خان ۾ ڪرفيو لاڳو، گاڏين نقل و حرڪت تي پابندي

ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان جي ڪلاچي تحصيل ۾ قلم 144 تحت صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب ڪرفيو دوران صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن جي حرڪت تي پابندي هوندي، جڏهن ته ان عرصي دوران پوٽا ۽ هٿالا مارڪيٽون بند رهنديون.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪرفيو دوران شهرين جي حرڪت اجازت سان مشروط هوندي. ٻئي طرف، شهرين کي ڪرفيو دوران پنهنجا دستاويز پاڻ سان گڏ رکڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي.

ڪي پي جي مٿانهين علائقن ۾ برسات، جابلو علائقن ۾ برفباري

پشاور: (ويب ڊيسڪ) مغربي سسٽم جي اثر هيٺ خيبرپختونخواهه جي مٿانهين علائقن ۾ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري سبب موسم وڌيڪ ٿڌو ٿي ويو.پشاور شهر جي ڏوراهين علائقي ۾ موسم ٿڌو ٿي ويو. گذريل ڏينهن پيل تيز برسات سبب موسم ۾ تبديلي اچي وئي، برسات کان پوءِ واپس ويندڙ ٿڌ جي لهر ٻيهر واپس موٽي آئي. چترال، لوئر جي علائقي گرم چشمه ۾ گذريل ڏينهن هڪ دفعو ٻيهر برفباري سبب سيءَ ۾ اضافو ٿي ويو.پشاور شهر جو موسم اڄ به جهڙالو ۽ ٿڌو آهي. آچر جي ڏينهن پشاور ۾ 5 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. موسميات کاتي موجب پشاور ايئر پورٽ 7 ملي ميٽر، چترال 6، تيمر گره 9، دير بالا 13، مير کهني 8، ڪالام هڪ ۽ دروش ۾ 6 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.صوبي جي مختلف ضلعن ۾ موسم جهڙالو آهي جڏهن ته مٿانهين ضلعن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ٿڌو رهڻ جو امڪان آهي. چترال، دير، مالاڪنڊ، بونير، سوات، شانگله، ڪوهستان ۾ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. مانسهره ايبٽ آباد، بٽگرام، تورغر، مهمد، باجوڙ، خيبر ۽ ڪرم جي ضلعن ۾ به کنوڻ ۽ تيز هوائن سان برسات جو امڪان آهي.دير بالا ۽ لوئر دير ۾ صبح جو سوير شروع ٿيندڙ برسات ۽ برفباري جو سلسلو رڪجي ويو، آسمان تي هينئر تائين ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن. جڏهن ته ڪڪرن ۽ سج جي وچ ۾ اکٻوٽ جاري آهي. ڪمرات وادي، جهاز بانڊه، باڊگوائي، بن شاهي، لواري ٽنل، ڪلپاني ۽ ٻين مٿانهين علائقن تي برفباري پئي آهي. دريائي پنجڪوڙه ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿي وئي. موسم ٿڌو هجڻ سبب شهرين گرم ڪپڙن جو استعمال ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو آهي.

بسپ سينٽر جي ڇت ڪرڻ سبب 5 عورتون فوت، 55 زخمي

رحيم يار خان: (ن س) رحيم يار خان جي ڀرپاسي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان پئسا گڏ ڪرڻ لاءِ آيل عورتن جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 عورتون فوت ۽ 55 زخمي ٿي پيون.ريسڪيو عملدارن موجب، هي افسوسناڪ واقعو مضافات ۾ چڪ نمبر 125 جي ويجهو هڪ مارڪيٽ ۾ پيش آيو، جتي 200 کان وڌيڪ عورتون جيڪي پنهنجي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسطن حاصل ڪرڻ لاءِ آيون هيون، هڪ پرچون دڪان جي ڇت تي موجود هيون.اختيارين موجب، عورتون مدد جي انتظار ۾ هيون ته اوچتو ڪمزور ڇت ڪري پئي، جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي عورتون ملبي هيٺان دٻجي ويون. ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون، ۽ زخمي عورتن کي فوري طور تي شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.ضلعي انتظاميا موجب حادثي کانپوءِ شيخ زيد اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.